جنت المعليٰ

جنت المعليٰ: مڪي مڪرمه ۾ شاهراھہ حجون تي حرم کان ايندي مسجد جي ڀرسان هيءُ تاريخي قبرستان واقع آهي، جيڪو جنت البقيع کان پوءِ دنيا جو ٻيو وڏو اعليٰ قبرستان آهي. هن قبرستان جي هڪ حصي ۾ عام مسلمانن جون مزارون ۽ ٻئي حصي ۾ اسلام جي برگزيده هستين جون مزارون آهن. هن قبرستان جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هن ۾ سرڪارِ دو عالم صلعم جي ابن ڏاڏن جناب هاشم، عبدالمناف، عبدالمطلب عليہ السلام، حضرت ابو طالب عليہ السلام، ام المؤمنين بيبي خديجة الڪبرى، بيبي آمنہ بنت وهب، بيبي اسماء بنت ابوبڪر رضه، عبدالرحمٰن بن ابوبڪر رضه، عبدالله ابن زبير، فضيل بن عباس، عبدالله بن عمر رضه، حضرت قاسم بن محمد صلي عليہ وسلم ۽ حضرت ابوبڪر رضہ جي والدہ ابي قحافه جون مزارون موجود آهن. پهرين هنن قبرن تي قبا اڏيل هئا ۽ قبرن تي ڪتبا پڻ لڳل هئا. قديم حج جي سفرنامن ۾ انهن قبن جون تصويرون موجود آهن .


لفظ جنت المعليٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو