جنجهي1: جنجهي، ڀاٽي راجپوت نسل مان آهن ۽ سنڌ جي مختلف هنڌن تي آباد آهن.جنجهين جو اباڻو وطن جيسلمير آهي، جتي ڪنهن وقت ۾ ناميارو بادشاه راجا شاليواهن راڄ ڪندو هو، جنهن کي 9 پُٽ هئا، جن جي راڄ جون حدون پري پري تائين پکڙيل ۽ مختلف قلعن جي صورت ۾ نروار هيون:
ڪاشي، مٿرا، پراڳ ڳڙھہ، گجنيري، ڀٽنير،
ڏگــم، ڏيـراور، غـزنـي، نـوان جيـسلـميـر.
برصغير جي وسيع علائقي تي حڪمراني ڪندڙ ڀاٽين جو هڪ ٽولو جيسلمير مان هجرت ڪري سنڌ پهتو، جتي فيروز شاھہ تغلق جي دور ۾ مسلمان ٿيو، پر نالا وغيرہ تبديل نہ ڪيائون. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي آباد ٿيا، ۽ هن وقت ٿر جي ڳوٺن- وڪڙيي، جنجهي، صالح جنجهي ۽ اسماعيل سنگراسيءَ ۾؛ بئراج ايراضيءَ ۾ عمرڪوٽ، ڪنري، هيرل، ميرپورپراڻي، ٽنڊي غلام علي، سنجهوري، جهول، حيدرآباد، چمبڙ ۽ لاڙڪاڻي ۾ آباد آهن. هي ڪٿي جنجهہ تہ ڪٿي جنجهي سڏيا وڃن ٿا. هنن جي اڪثريت پڙهيل ۽ ملازمت پيشہ آهي ۽ سياست ۾ بہ سرگرم آهن. نامور اُستاد سچل جنجهي، سگهڙ الھداد جنجهي، ڄام ساقي ۽ غلام محمد جنجهي هن ذات/ قبيلي سان واسطو رکن ٿا .