جنجهي، مينهين ٻائي: ٿر جي سر زمين مارئيءَ ۽ بختاور شھيد جهڙي هڪ بھادر ۽ نيڪ سيرت عورت کي جنم ڏنو جنهن جو نالو مينهين ٻائي هو. مائي مينهين ٻائيءَ جو جنم 1925ع ٿر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’جنجهي‘ تعلقي ڇاڇري ۾ ٿيو. سندس شادي پنھنجي سؤٽ ماستر محمد سچل جنجهيءَ سان ٿي. سچل جنجهي ٿر جو هڪ مثالي استاد ۽ سماجي سُڌارڪ هو، هن پنھنجي اڻ پڙهيل شريڪ حيات کي پڙهايو ۽ کيس 1963ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرائي ڇوڪرين جي اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر ڪرايو. مينهين ٻائيءَ کي ٻن پٽن هڪ مشھور ترقي پسند سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ٻيو مشھور ڊاڪٽر سلطان ۽ هڪ ڌيءَ مارئي جو اولاد هو. 1971ع واري پاڪ - ڀارت
جنگ ۾ هندستاني فوجن سندن ڳوٺ کي باھہ ڏئي ڇڏي ۽ کين اتان لڏڻو پيو ۽ آڪھہ سميت لڏي اچي حيدرآباد پهتا. ان دور ۾ هي خاندان هٿين خالي هو. ڄام ساقي بنگلاديش جي آزاديءَ واري تحريڪ دوران روپوش رهيو ڇو تہ هن مشرقي بنگال ۾ فوجي مداخلت جي مخالفت ڪئي هئي. بنگال جي آزاديءَ کان پوءِ ڄام ساقي نعپ اڳواڻ جي حيثيت ۾ گرفتار ٿي ملتان جيل پهتو، جتي سندس والدہ مينهين ٻائي ٽنگ کان معذور هوندي بہ پٽ سان ملڻ ويندي هئي. ملتان جيل مان آزاديءَ کانپوءِ ڄام ساقي وري انڊر گرائونڊ ٿي ويو. هن جمهوريت جي، هارين، مزدورن لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. 1977ع ۾ ڀٽو حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ کيس حيدرآباد مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. سندس گرفتاريءَ دوران هن جي پهرين زال سُکان کوھہ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. مارشل لا دور حڪومت ۾ مينهين ٻائيءَ ڏاڍا ڏک ڏٺا. ڄام جيل ۾ هو ۽ سلطان ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ روس ۾، ڄام جا ٻہ ٻار سجاد ظھير ۽ بختاور معصوم هئا. سچل کي ان وقت جي حڪومت ضلعي بدر ڪري ڇڏيو. غربت، مفلسي ۽ ذهني پيڙا ۾ هن بھادر عورت حوصلو نہ هاريو ۽ ڄام جي اولاد جي پالنا ۽ تعليم جاري رکيائين. ڄام ساقي جڏهن 11 سالن کانپوءِ آزاد ٿي پنھنجي ڳوٺ جنجهي پهتو تہ هن ماءُ آڏو معذرت ڪندي چيو تہ هن سندس اسيريءَ دوران ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن تہ سندس بھادر ماءُ مرڪندي وراڻيو: ”مٺا، تڪليفون ٿرين جو زيور آهن، مارئيءَ بہ تہ ڏک ڏٺا هئا“ ماءُ ۽ پيءُ جڏهن ڀاڪر پائي مليا تہ ڄام بيهوش ٿي ويو، پر هن دلير ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙهو بہ نہ هو. مينهين ٻائي وڏي همٿ واري ۽ دلير عورت هئي، هن ٿر ۾ اوچ ۽ نيچ خلاف وڏو جهاد ڪيو. مائي مينهين ٻائيءَ 11 آگسٽ 1998ع ۾ وفات ڪئي. هوءَ حيدرآباد بابن شاھہ جي قبرستان ۾ دفن آهي.
1998.08.11 عيسوي
مائي مينهين ٻائيءَ 11 آگسٽ 1998ع ۾ وفات ڪئي. هوءَ حيدرآباد بابن شاهه جي قبرستان ۾ دفن آهي.