جنجهہ

جنجهہ: ديھہ لشڪري چانڊئي، يونين ڪائونسل رانوتيءَ سان تعلق رکندڙ هيءُ ڳوٺ قنبر کان اتر طرف 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جي اتر ۾ تعلقي ميري خان جو ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو، اتر اولھہ جي ڪنڊ ۾ ڳوٺ ميڻا، ڏکڻ ۾ ڳوٺ شاهو شيخ ۽ روڊ آهي. هيءُ روڊ قنبر کان نڪري ٿو، ميمڻن ۽ جنجهن کان ٿيندو، لاڙڪاڻي شھر تائين وڃي ٿو. اتر ۾ نونارين جا دڙا آهن، جتي اڳ نوناري لوڻ جو ڪم ڪندا هئا. هي دڙا زمين جي سطح کان اٽڪل 15 فوٽ اوچائيءَ ۾ هڪ ايڪڙ جي پکيڙ تي واقع آهن. مقامي روايتن موجب هيءُ ڳوٺ جنجهہ قبيلي جي ماڻهن 17 صدي عيسويءَ جي شروع ۾ آباد ڪيو. هو اصلي سري واري پاسي کان آيا هئا ۽ سندن مادري زبان سرائڪي هئي. جنجهہ قبيلي جي وڏڙن موجب ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نائب ۽ سپھہ سالار شاھہ بھارو جنجهڻ بہ سندن وڏن مان هو. ان جي نسبت سان هتان جا جنجهه، شاھہ بھاري جي نالي پٺيان پاڻ کي شاهاڻي بہ سڏائين ٿا. تعلقي لاڙڪاڻي ۾ شاهاڻي پاڙو شاھہ بھاري کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي. تاريخي اعتبار کان قمبر ۽ لاڙڪاڻي تعلقن ۾ هنن جي رهائش ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿي هئي. جنجهه يا جنجهڻ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جا مريد هئا، شاھہ بھاري جو والد، ميان شاهل محمد جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جو شاهي ايلچي هو. تعلقي قنبر ۾ ’ايلچي‘ نالي هڪ ديھہ بہ واقع آهي، جنهن ۾ ڪافي ڳوٺ شامل آهن .


لفظ جنجهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو