جنرل ڪارگل: انگريز پنھنجي سئو سالا، حڪمرانيءَ دوران، ننڍي کنڊ جي جاگرافيءَ تي بہ اثر انداز ٿيا. هنن نوان شھر ٻڌائي انهن تي پنهنجا نالا رکيا. اهڙن شهرن ۾ جيڪب آباد، جيمس آباد، منٽگمري، فورٽ سنڊيمن ۽ لائل پور وغيرہ اچي وڃن ٿا. هنن ڪن خاص جاين جا نالا بہ پاڻ سان منسوب ڪيا. جھڙوڪ: مائونٽ ايورسٽ (دنيا جي وڏي ۾ وڏي جابلو چوٽي) ۽ مري هلس (ڪوھہ مري)، ڪشمير جي اتر اوڀر واري علائقي ڪارگل جو نالو پڻ هڪ انگريز فوجي آفيسر ليفٽيننٽ جنرل ڪارگل پويان رکيل آهي. 1941ع ۾ جڏهن سورهيه بادشاھہ پير صاحب پاڳاري کي بغاوت جي الزام ۾ سکر جي ڪليڪٽر سنڊي رڊلي دوکي سان گرفتار ڪري، پهرين لاهور ۽ پوءِ ناگپور جي جيلن ۾ بند ڪيو تہ حرن جي تحريڪ زور وٺي وئي، 31 مئي 1942ع تي سنڌ جي ڪجهہ ضلعن سکر، نوابشاھہ، خيرپور رياست، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي ڪجهہ حصن ۾ ننڍي کنڊ جي پهرين مارشل لا هني وئي، تڏهن جنرل رچرڊسن کي مارشل لاايڊمنسٽريٽر ۽ ليفٽيننٽ جنرل ڪارگل کي سنڌ جو ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويو، جنهن حرن ۽ سندن همدردن سان تمام گهڻي سختي ڪئي. سورهيه بادشاھہ کي ناگپور جيل مان واپس ٻولھاڙي هوائي اڏي تي آڻي، سندس مٿان بغاوت جو درج ڪري اهو ڪيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ هلائڻ ۽ آخرڪار مارچ 1943ع ۾ موت جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ واري سڄي عمل ۾ ڪارگل جو وڏو عمل دخل رهيو .