سومرو جنيد احمد

سومرو جنيد احمد

جنيد احمد سومرو

جنيد احمد سومرو : قومپرست سياستدان جنيد احمد سومري ولد حيدر بخش سومري جو جنم 3 آگسٽ 1954ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. جنيد سومرو، شھيد بخش سومري جو پوٽو هو. هن پرائمريءَ کان انٽر تائين شڪارپور ۾ تعليم ورتي. بعد ۾ دائود انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۾ B.E ڪيائين. جنيد سومرو شاگرديءَ واري زماني کان وٺي قومپرست سياست سان وابستہ رهيو. جنيد سومرو شڪارپور مان صوبائي اسيمبلي توڙي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ وقت بوقت قسمت آزمائيندو رهيو، 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ايم. پي. اي چونڊيو. 1988ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور بيٺو ۽ بعد ۾ بائيڪاٽ ڪيائين، ان بعد هن سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 1990ع جي چونڊن ۾ فرنٽ جي پليٽفارم تان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. ٻيهر 1993ع وارين چونڊن ۾ بہ هن قسمت آزمائي، پر کيس ڪاميابي نصيب نہ ٿي. 1997ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي تڪ تي پ پ (ش. ڀ) جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو، جنهن ۾ پڻ ڪامياب نہ ٿي سگهيو ۽ سندس مد مقابل پ پ پ جي اميدوار آفتاب شعبان ميراڻيءَ ڪاميابي حاصل ڪئي. پ پ (ش ڀ) سان اختلاف ٿيڻ بعد هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنيد سومرو 2000ع ۾ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ ضلعي ناظم لاءِ پڻ بيٺو، 2002ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران ايم. پي. اي لاءِ بيٺو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. اهڙيءَ طرح 2008ع جي چونڊن ۾ پڻ هن قسمت آزمائي ڪئي. جنيد سومرو ڪجهہ عرصي پ پ (ش ڀ) سنڌ جو صدر پڻ رهيو. هي خانداني روايت موجب غريبن، مسڪينن ۽ هيڻن جو همدرد سياستدان هو. ذات پات جي فرق کان سواءِ هر ڪنهن جو ڪم ڪندو هو. جنيد سومري 09 آگسٽ 2009ع تي ڪراچيءَ ۾ 55 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس هاٿيدر تي پنج پير واري آبائي قبرستان ۾ شھيد الھہ بخش سومري جي پاسي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.03  عيسوي

قومپرست سياستدان جنيد احمد سومري ولد حيدر بخش سومري جو جنم 3 آگسٽ 1954ع تي شڪارپور ۾ ٿيو.


2009.08.09  عيسوي

قومپرست سياستدان جنيد سومري 09 آگسٽ 2009ع تي ڪراچيءَ ۾ 55 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وزير فرهاد سولنگي
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
اڪبر لغاري
صادق ميمڻ
فيروز پتافي
امجد سراج ميمڻ ڊاڪٽر
ڇٽو فقير ڪوريجو
بودلو سميجو
پتافي بھاءُ الدين بھائي مولوي
جمعو شيدي 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون