
جنيد بغداديءَ جو روضو
جنيد بغدادي: مشھور جيَد عالم حضرت جنيد بغداديءَ جو جنم 830ع ڌاري ٿيو. هن شروعاتي تعليم پنھنجي مامي ۽ مرشد حضرت سري سقطيءَ کان حاصل ڪئي. فقھ جي تعليم ابو ثودادر کان ۽ تصوف جي تعليم حارث مجاسيءَ کان حاصل ڪيائين. کيس ’صوفين جي سردار‘ جو لقب مليل آهي. پاڻ شريعت جي طريقن سان گڏ حقيقت جو شناسا هو، کيس مجتهد جو درجو بہ حاصل هو. اسلام جي بہ تبليغ ڪيائين ۽ جهاد ۾ بہ حصو ورتائين. سري سقطي، حضرت جنيدرحه جي باري ۾ چيو آهي تہ ”حضرت جنيد بغداديرحه همه تن درد ۽ عشق آهن.“ جنيد بغدادي 7 سالن جي عمر ۾ پنھنجي مرشد سان حج تي ويو. اتي سڀني حاجين کي شڪراني جا لفظ ادا ڪرڻا هئا تہ ان موقعي تي جڏهن سندس وارو آيو تہ هن چيو: ”ﷲ تعاليٰ جيڪا نعمت توهان کي ڏني آهي، ان جي نافرماني نہ ڪريو ۽ نعمت کي مصيبت جو ذريعو نہ بڻايو“. تصوف جي باري ۾ سندس چوڻ هو تہ”هن رستي تي اهو هلي سگهي ٿو، جيڪو ﷲ جي ڪتاب کي سڄي هٿ ۾ کڻي ۽ سنت مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم کي کٻي هٿ ۾ کڻي، انهن ٻنهي شين جي روشنيءَ ۾ هلڻ وارو شڪ ۽ شبهي جي ڪنهن کڏ ۾ نہ ڪرندو، يا بدعت جي اونداهيءَ ۾ نہ ڀٽڪندو.“ جنيد بغداديءَ جي پهرئين شاگرد منصور بن حلاج کانئس پنھنجي موت جي باري ۾ پڇيو، ان تي حضرت جنيدرح وراڻيو: ظاهري طرح تنهنجو موت پيو نظر اچي، پر باطن جو ڳجهہ مالڪ ئي ڄاڻي.“
جنيد بغداديءَ جي عبديت جون ٻہ خصلتون آهن:
1- ماڻهوءَ کي هر ظاهر ۽ باطن ٻنهي ۾ راضي رهڻو آهي ۽ چوڻو آهي تہ منهنجا موليٰ! جيڪا تنھنجي رضا اها منهنجي رضا، جتي تون چاهين، اتي رک، ڇو تہ تنھنجي رضا ۾ ئي منهنجي رضا آهي.
2- رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم سان پوري محبت ڪرڻ، سندن حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۽ پنھنجي خيال جي حفاظت ڪرڻ.
جنيد بغداديءَ مطابق جيستائين ڪو ماڻهو پنھنجي دنياوي خواهشن ۽ نفس کي ’فنا‘ نٿو ڪري، تيستائين هو خدا جي رستي تي نٿو هلي سگهي. هن جو چوڻ هو تہ جڏهن ڪڻڪ جو داڻو مٽيءَ سان ملندو آهي تڏهن پنهنجو ظاهري ۽ حقيقي وجود وڃائي ويهندو آهي، پر وري جڏهن نروار ٿيندو آهي ۽ زمين مان تيار ٿي نڪرندو آهي، تڏهن ڪنهن ٻئي رنگ ۾ هوندو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن خدا جي راھہ ۾ هلڻو آهي تہ پنھنجي نفس کي فنا ڪرڻو پوندو. هن جي تعليمات موجب: نفس کي ٽن طريقن سان وس ۾ ڪري سگهجي ٿو:
(1) انا يعني ”مان ۽ منهنجي“ کي ختم ڪرڻ.
(2) عيش ۽ آرام کي ختم ڪري، درد ۽ عشق جي راھہ وٺڻ.
(3) ظاهريت تي باطنيت کي فوقيت ڏيڻ ۽ ظاهر کي باطن جو ذريعو سمجهي، حقيقي علم تائين پڄڻ.
(4) تصوف جو مطلب پنھنجي نفس کي دنياوي شين کان پاڪ ڪرڻ آهي.
هن جي جيَد عالم 910ع ڌاري وفات ڪئي .
0910.00.00 عيسوي
جنيد بغدادي 910ع ڌاري وفات ڪئي .