جنيد بن عبدالرحمان: حشام بن عبدالمالڪ جڏهن دمشق جي حڪمران طور 105ھہ/ 723ع ۾ تخت جو ڌڻي ٿيو تہ هن ملڪي انتظام ۾ عملداري سطح تي ڪي تبديليون آنديون، جن موجب بصري جي گورنر ابن هميره کي معزول ڪري سندس جاءِ تي خالد بن عبدالله قسريءَ کي مقرر ڪيائين ۽ سنڌ لاءِ مقرر ڪيل عملدار خالد عمر بن مسلم باهليءَ کي معزول ڪري بن عبدالرحمان'>جنيد بن عبدالرحمان مُريءَ کي سنڌ ڏانهن مقرر ڪيائين. ان وقت سنڌ عربن جي قبضي ۾ هئي. بن عبدالرحمان'>جنيد بن عبدالرحمان جي مقرري 107ھہ/725ع ۾ ٿي. هن جي ڏينهن ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جئسينه عربن خلاف جنگ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ لشڪر گڏ ڪري ڪاهي آيو. جنگ ۾ جئسينه ڀاءُ سميت مارجي ويو (ڪي تاريخون لکن ٿيون تہ جنگ ۾ ناڪام ٿيڻ سبب جئسينه هند طرف نڪري ويو). ان بعد جنيد سنڌ جي سرحد ڪيرج ڏانهن چڙهائي ڪئي، جتي راجا عربن سان ٿيل معاهدي کي ختم ڪري بغاوت ڪئي هئي، پر جنيد جي مقابلي جي سگهہ نہ ساري ڀڄي ويو. هن شھر تي قبضو ڪري ورتو. هن مھم ۾ هڪ هندو راجا اشندرا بيد جنيد جي مدد ڪئي هئي. سنڌ ۾ پيدا ٿيل بغاوتن کي منهن ڏيڻ کانپوءِ جنيد سرحد کي مضبوط رکي گجرات تي ڪاھہ ڪئي. مرمد (مارواڙ) کي فتح ڪرڻ کانپوءِ منڊل (ويرگاھہ)، دهنج (پٽڻ) ۽ ڀڙوج جا علائقا گوجرن کان فتح ڪيائين. هن جي سپھہ سالار حبيب، مالوھہ جي دولتمند تخت گاھہ اُجين تي ڪاھہ ڪري بيشمار دولت هٿ ڪئي. تاريخدان بلاذريءَ جو بيان آهي تہ جنيد، منڊل ۽ ڀڙوج سمنڊ رستي ۽ مالوده جو تختگاھہ اُجين خشڪيءَ جي رستي، گجرات جي راجا کان فتح ڪيو ۽ اتان کيس ايترو تہ مال غنيمت هٿ لڳو، جو لشڪر کي انعام ۽ اڪرام ڏيڻ کان پوءِ وٽس چار ڪروڙ درهم بچي پيا. اهڙيءَ ريت هن اٺ ڪروڙ درهم بيت المال ڏانهن موڪليا ۽ اٺ ڪروڙ درهم فوجين ۾ ورهايا .