
جنين ڏاند نه ٻج
جنين ڏاند نہ ٻج (ڪتاب ):هي ڪتاب پاڪستان جي مشھور سي. ايس. پي آفيسر، مسعود کدرپوش جي جڳ مشھور ’سنڌ هاري رپورٽ‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر اعجاز قريشيءَ وڏي محنت سان ڪيو آهي. مسعود کدرپوش، سنڌ ۾ 1946ع ۾ انڊين سِول سروس ۾ ملازم هو ۽ کيس نوابشاھہ جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. ’سنڌ هاري ڪميٽي‘ پنھنجي قيام (1930ع) کان وٺي هارين لاءِ جدوجھد پئي ڪندي آئي. ان دور (1947ع) ۾ جڏهن سنڌ هاري ڪميٽيءَ ’اڌ بٽئي‘ جو مطالبو ڪيو تہ هارين جي سماجي، معاشي ۽ اخلاقي حالتن کان باخبر ٿيڻ لاءِ سرڪار پاران ’سنڌ هاري انڪوائري ڪميٽيءَ‘ جو مارچ 1947ع ۾ بنياد وڌو ويو تہ جيئن هارين جي حالتن کي آڏو رکي رپورٽ تيار ڪئي وڃي. هارين جي اڌ بٽئي واري جدوجھد کي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي اڳواڻن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، عبدالقادر انڍڙ، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻين چوٽ تي پڄائي ڇڏيو هو، هارين ۾ بغاوت جا جذبا پيدا ٿي چڪا هئا، جنهنڪري زميندارن جون وايون بتال ٿي ويون هيون ۽ هنن هارين کي دٻائڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪيو هو. هن جدوجھد دوران مائي بختاور، بالاچ بروهي ۽ ٻيا هاري شھيد ٿي چڪا هئا. زميندارن جي ڀورا ڀورا ٿيندڙ نظام ۽ طاقت کي للڪار هيٺ ڏسندي سرڪار پاران سنڌ هاري انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي تہ جيئن سنڌ جي هارين کي اهو باوَر ڪرائجي تہ سرڪار سندن مسئلن ۾ دلچسپي وٺي رهي آهي. سنڌ انڪوائري ڪميٽيءَ جو چيئرمئن سر راجر ٿامس هو، جڏهن تہ ميمبرن ۾ محمد مسعود (آءِ. سي. ايس ڪليڪٽر نوابشاھہ)، نورالدين صديقي (مئنيجر انڪم بورڊ اسٽيٽس سنڌ) ۽ آغا شاهي (آءِ. سي. ايس) هئا. آغا شاهي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هو. هن رپورٽ کي اڪثر ميمبرن زميندارن جي ٽٽندڙ طاقت کي هٿي ڏيندڙ بنايو، جنهن ڳالھہ کي ڪميٽيءَ جي ميمبر محمد مسعود (جيڪو اڳتي هلي کدرپوش مشھور ٿيو) هڪ طويل اختلافي نوٽ هنيو، جيڪو جڳ مشھور ’سنڌ هاري رپورٽ‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هاري انڪوائري ڪميٽي 3 مارچ 1947ع تي ٺھي هئي. مسعود کدرپوش جي اختلافي نوٽ (هاري رپورٽ) کي سنڌيءَ ۾ پروفيسر اعجاز قريشيءَ، مسعود کدرپوش ٽرسٽ جي بانيڪارن جي تحريص تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن جو مهاڳ مشھور هاري اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪامريڊ روچيرام لکيو آهي. جڏهن تہ ڪتاب ’لهران ادبي بورڊ، لاهور‘، 1- جون 2002ع شايع ڪيو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي. هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ پنجاب حڪومت جي اطلاعات، ثقافت ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جو جزوي مالي سهڪار شامل آهي. ڪتاب ۾ ’لهران ادبي بورڊ‘ پاران سيد اختر حسين، ڊاڪٽر ملڪ رياض ۽ مسعود کدرپوش ٽرسٽ پاران شيرين مسعود ۽ ڊاڪٽر فوزيہ جاويد جا رايا بہ شامل آهن. ڪتاب جي اهميت تي پروفيسر اعجاز قريشيءَ تفصيلي طرح ’پنھنجي پاران‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي.