جنيوا: عالمي شھرت رکندڙ مغربي شھر سوئيزرلينڊ جو هي شھر جنيوا ڪنيٽن جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي جنيوا ڍنڍ جي مغربي سرحد تي واقع آهي، جتان ڍنڍ مان ’رهون درياھہ‘ نڪري ٿو. رهون درياھہ جنيوا کي ٻن برابر حصن ۾ ورهائي ٿو، پر شھر ۾ ڪيتريون لپيون ٺهيل آهن، جيڪي ٻنهي حصن کي پاڻ ۾ ملائين ٿيون. مشھور فلاسافر والٽيئر 1755ع کان 1758ع تائين هن شھر ۾ رهيو. جان جيڪس روسو هتي پيدا ٿيو. شھر جي قديم فصيلن (شھر پناهن) جي جاءِ تي ڦوهارا ٺهرايا ويا آهن. جنيوا شھر 1920ع ۾ دنيا جو مرڪز بڻيو، جتي ’ليگ آف نيشنز‘ قائم ٿي، ٻنهي مهاڀاري لڙاين جي وچ واري عرصي ۾ هتي ڪيتريون ڪانفرنسون منعقد ٿيون. 1939ع ۾ ’ليگ آف نيشنز‘ ختم ٿيڻ سان شھر کي سخت معاشي نقصان پهتو، پر پوءِ 1947ع ۾ هي ’اقوام متحدہ‘ (گڏيل قومن‘ جو يورپي مرڪز قرار ڏنو ويو ۽ 1948ع ۾ هتي صحت جي عالمي اداري World Health Organization (WHO) ۽ محنت جي عالمي اداري (ILO) World Labour Organization کانسواءِ ٻين ڪيترن عالمي ادارن جون آفيسون هتي قائم ٿيون، جنيوا ۾ ڪيترن عالمي مسئلن تي مذاڪرا ۽ ڪانفرنسون ٿي چڪيون آهن، 1995ع ۾ ڊبليو. ٽي. اي (World Trade Organization) بہ هتي پنهنجا هيڊڪوارٽر ٺاهيا. هن شھر جي آدمشماري 2003ع ۾ 1,76,000 هئي، جڏهن تہ 2009ع ۾ اها وڌي 1,85,958 ٿي. هن شھر کي صنعت جي نسبت سان سوئيزرلينڊ جي اهم شھر طور شمار ڪيو وڃي ٿو. هتي جي اهم صنعتي پيداوار ۾ هيرا، جواهر، زيور، گهڙيون ۽ ٻيون شيون مشھور آهن. ‘جولا ۽ الپس‘ نالي جبل هن شھر کي ڄڻ تہ پنھنجي دامن ۾ جهليو بيٺا آهن.