جنيوا ڪانفرنسون

جنيوا ڪانفرنسون

جنيوا ڪانفرنسون

جنيوا ڪانفرنسون (Geneva Conference ):1954ع ۾ ٿيل معاهدا، جن جو مقصد پهرين هند چين جنگ (54-1946ع) جي خاتمي جو بنياد مهيا ڪرڻ هو. هن ويڙھہ ويٽنام کي پنھنجي حڪمران فرانس جي خلاف ڪري ڇڏيو. هن معاهدي جو مسودو جولاءِ 1954ع ۾ سوئيزرلينڊ جي شھر جنيوا ۾ تيار ٿيو. هن ۾ ڏکڻ اتر ايشيا مان فرانسيسي فوج جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ ويٽنام کي ڏکڻ ۽ اتر ٻن حصن ۾ عارضي طور تي ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي تہ جيئن 1956ع ۾ چونڊون ڪرائي، انهن کي ٻيهر متحد ڪيو وڃي ۽ ان ورهاڱي جي حوالي سان ٿيل تڪرار نيٺ (75، 1959ع) تي ختم ٿيو. هند- چين جنگ جي پهرين فيصلائتي ويڙھہ، 7 مئي 1954ع تي لڳي. جڏهن تہ فرانسيسين کي ڪميونسٽن هٿان شڪست کائڻي پئي. ٽئين ڏينهن ڪميونسٽن جي نمائندي جنيوا ۾ فرانسيسي حڪومت سان گڏ ويهي جنگ جي خاتمي جي شرطن تي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. جنهن ۾ فرانس جي وفادار ويٽنامين کانسواءِ ڪمبوڊيا، لائوس، يو. ڪي، آمريڪا ۽ يو. ايس. ايس. آر جي نمائندن بہ شموليت ڪئي. ڪميونسٽن فرانسيسين جي مڪمل نيڪال ۽ ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ آف ويٽنام کي تسليم ڪرڻ تي زور ڏنو. (جنهن جي قيام جو اعلان هوچي منَھہ 1945ع ۾ ڪيو هو). ڊي. آر. وي کي پنھنجي اتحادي ملڪن پسني چين ۽ يو. ايس. ايس. آر کان مدد ملڻ جي اميد هئي، پر ٻنهي ان تي دٻاءُ وڌو تہ 1956ع ۾ قومي چونڊون ٿيڻ تائين ويٽنام جي عارضي ورهاست کي قبول ڪيو وڃي. ٻن مهينن جي ڊگهين ڳالهين کان پوءِ ڪميونسٽن (ويٽ منھہ) رضامندي ڏيکاري ۽ ويٽ منَھہ جي فوج اتر پاسي هلي وئي. جڏهن تہ فرانسيسي ۽ ويٽنامي فوج ڏکڻ واري پاسي وڌي. آمريڪا نہ پيو چاهي تہ فرانس ڳالهين بائوداڻي جي جاءِ تي نگو دينھہ ديام کي اينٽي ڪميونسٽ ويڙھہ جو ويٽنامي اڳواڻ بڻايو. ديام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ جنيوا معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي، فوج ٺاهڻ شروع ڪئي. 1960ع ۾ ديام جي مخالفن نيشنل لبريشن فرنٽ نالي گوريلا تنظيم ٺاهي، جنهن جو مقصد ديام جي حڪومت جو خاتمو ۽ ويٽنام کي ٻيهر متحد ڪرڻ هو. ويٽنامي حڪومت کي بچائڻ لاءِ آمريڪا پنھنجي فوج ويٽنام موڪلي. 1965ع کان شروع ٿيل جنگ 1975ع تائين جاري رهي، جڏهن تہ ويٽنام ڪميونسٽ حڪومت جي ماتحت ٻيهر متحد ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو