جنگني: هيءُ وڻ پندرهن کان سترهن ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي ۽ سنڌ ۾ ڪن خاص هنڌن تي ٿئي ٿو. هن جو ٿڙ سڌو گولائي ڏيڍ ميٽر کان پوڻا ٻہ ميٽر ٿيندي آهي. هن جو ڇوڏو ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو. پوھہ يا مانگهہ جي مهينن ۾ هن وڻ جا پن ڪرڻ شروع ٿين ٿا. هن جي ٽارين ۾ ٿورا پن لڳندا آهن. هن وڻ جو ميوو پچڻ کان پوءِ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي. جنهن جي کل مان رنگ بہ ڪڍيو ويندو آهي. هن کي سنسڪرت ۾ ’جنگني‘، ’اجاشرنگي‘، هنديءَ ۾ ’جنگن ڪشمل‘، گجراتيءَ ۾ ’شيمبت‘ ۽ پنجابيءَ ۾ ’سڪالي سنبل‘ چيو وڃي ٿو .