جنگواڻي

جنگواڻي: کوسن جي هڪ قبيلي جو نالو ’جنگواڻي‘ آهي. هي جنگو خان جو اولاد آهن. ڳوٺ جنگو خان کوسي ’ضلعي جيڪب آباد‘ ۾ جنگي خان اٽڪل ٻہ سئو سال اڳ هڪ ٽن قبن واري مسجد تعمير ڪرائي هئي. جيڪا اڄ بہ هڪ فن تعمير جو عاليشان شاهڪار آهي. جنهن ۾ اٽڪل ڏھہ هزار نمازي هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهن ٿا.
جنگواڻي، جمالين جو هڪ پاڙو بہ آهي.


لفظ جنگواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو