جنگ ۽ جنگ ناما: جنگ جي معنيٰ فقط حاڪمن واري جنگ نه آهي، پر ان جو مفهوم وڌيڪ وسيع آهي. يعني ڪن به ٻن ڌرين، قبيلن، راڄن، راڄدارن، سردارن، حاڪمن ۽ حڪومتن جي وچ ۾، جيڪي مرڻ مارڻ وارا جهيڙا، جهڳڙا، معرڪا، مقابلا، حملا ۽ لڙايون ٿين ٿيون، سي سڀ عام اصطلاح ۾ ’جنگين‘ ۾ شمار ٿين ٿا، جنگ کي ’ڪيڏارو‘ به چيو ويو آهي پر ڪيڏاري ۾ ٻيا مفهوم به سمايل آهن، جهڙوڪ: جنگين ۾ جن سورهين سوڀ ماڻي يا سر ڏنو، تن جي ساراهه ۾ بيت چيا ويا، آلاپيا ويا. ان کي جنگ جو سر يا ڪيڏارو سڏيو ويو. وقت گذرڻ سان ڪيڏاري سر ۾ راڳ ڪيڏارو اسريو، اهڙيءَ طرح ڪيڏارو ٽن معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. يعني: ’جنگ‘، ’جنگ جو سر‘ ۽ ’راڳ ڪيڏارو‘.
جنگ نامو معنيٰ جنگ جو منظوم بيان. سنڌي جنگنامن جي روايت ۾ دودي چنيسر جي ڳالهه سڀ کان پهريون ۽ وڏو جنگنامو آهي. جنگين جي سببن صلح جي شرطن، مخالف ڌرين جي واعدن، انجامن، مڙسن جي قولن، ڪلامن، سورهين جي ساراهن، ڪانئرن جي ڪچاين، ويرن ۽ ويڻن، مهڻن ۽ ميارن ۾ سنڌ جي سماجي قدرن جو عڪس نمايان طور نظر اچي ٿو. مقابلي لاءِ ڌرين جي تيارين ۽ هٿيارن، ميدان ۾ صفن ۽ حملن، سورهين جي سٽن ۽ جلهن مان جنگ جا سما چٽا ٿين ٿا.
جنگنامن جي تاريخ: سومرن ۽ سمن جي دور کان انگريزن جي دور تائين ذري گهٽ ڇهين صديءَ واري عرصي جا ڪي اهڙا تاريخي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ جنگنامن جي روايتن ۾ ملن ٿا،جيڪي لکيل تاريخن ۾ گهٽ ملن ٿا.
سمن سومرن کان حڪومت ورتي، چنن جي حڪومت ۾ چنا عورتن جي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان وڙهيا، سندن ڪوريجن سان سڱ تي تڪرار ٿيو ۽ چڱي نالي چني جي سردار ڪوريجي ڄام کي مارايو، ماڇين جي سرداريءَ ۾ ڪوريجن، چنن تي ڪاهه ڪئي ۽ کين قتل ڪيو. ارغونن جي حڪومت ۾ شاهه حسن ارغون هلان ڪري سمن کان حڪومت هٿ ڪئي. ترخانن جي حڪومت ۾ سما ترخانن جا زيردست ٿي رهيا وغيره.
جنگ جو نظريو: انساني سماج ۾ جنگين جهيڙن بابت سنڌ جي دانائن جو نظريو آفاقي رهيو آهي. يعني: انسان جهڳڙالو پيدا ٿيو آهي ۽ جهيڙا جنگيون انسان جي سرشت ۾ سمايل آهن. جنگ هڪ وڏو طوفان آهي، جيڪو وڏا وڻ پاڙئون پٽي ڇڏي ٿو. جنگ هڪ وڏي باهه آهي، جيڪا جهر جهنگ ساڙي ڇڏي ٿي.
سنڌ جي سماجي قدرن موجب هيڻن ۽ بيواهن جي حمايت ۾ ڏاڍائي ڪندڙن سان جنگ ڪرڻ بهادر انسانن جو ڪم آهي، جيڪي راڄدار هيڻن راڄن پاران وڙهي سر ڏين ۽ راڄ سام يا سرڻ، پناهه سنڌ جو قديمي رواج آهي. سامون ۽ سرڻيون جهلڻ ۽ سر ڏيڻ سورهين جو شان آهي، ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ ’سام جهلڻ‘ وارو نيڪ عمل سماج ۾ عام مروج هو. سنڌ ۾ ڪي جنگيون سام جهلڻ تان به ٿيون آهن.
اڳي جڏهن صلح ۽ فيصلي کان ڳالهه مٿي چڙهي ويندي هئي ته جنگ جو فيصلو ڪيو ويندو هو. هڪ ٻئي کي ٻولائي جنگ جي تاريخ مقرر ڪندا هئا. هر ڌر پنهنجن راڄن ۽ طرفدارن کي ڄاڻ ڏئي مدد لاءِ سڏيندي هئي، تياريءَ وقت ڀيريون ڀڀڪنديون هيون، چڙهي هلندا هئا ته دهل ڌماما، نغارا وڄندا هئا. وڏا لشڪر ’جنگ نماز‘ پڙهي چڙهندا هئا. شروع واري تياريءَ کان وٺي جنگ ٿيڻ تائين لشڪر کي سٺو کاڌو کارائيندا هئا. جنگ جا جهونجهار لشڪري هڪٻئي کي اچي ويجها ٿيندا هئا ته دهل نغارا وڄائي ڄاڻ ڏيندا هئا. مقرر ميدان بدران ڪٿي ڪا هڪ ڌر حملو ڪري ڪاهي ايندي هئي ته ٻي ڌر وارا آڏو مورچا ٺاهي ويهندا هئا. دشمن ڌر جي جنگي تياري يا لشڪر جي چڙهائيءَ جي جاچ لاءِ اڳواٽ جاسوس اماڻيندا هئا، جيڪي پنهنجي فن ۾ نهايت هوشيار هوندا هئا. جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ هر ڌر طرفان ڪو جوان اچي سامهون پنهنجي طرف کان ’جنگ جو جهنڊو‘ کوڙيندو هو. جنگ جا خاص نعرا ۽ اڳواڻ مقرر هوندا هئا. مياڻيءَ جي جنگ جو نعرو مير شهداد خان ٽالپر ڪڍيو: ”جنگ ڪري سون، سنڌ نه ڏيسون“ دو- آبي (دُٻي) جي جنگ جو نعرو، هوش محمد شيديءَ نعرو هنيو هو ته: ”مَر ويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“.
جنگي سازو سامان: هٿيارن ۾ ننڍا، ڀالا، هاسا، سڪيلا، کيڙيون ۽ چڪرا ترارون ۽ بندوقون (جامڪيون، شش ڪانيون) اچي ٿي ويون، سنڌ ۾ صدين کان وٺي جنگ جيئن ته ترارن سان ٿيندي هئي، انهيءَ ڪري لوڪ رزميه انسانن ۾ به ترارين جو ذڪر وڌيڪ آهي ۽ ان سان گڏ ترار جي مياڻ ۽ فقنا (مٺئي) کانسواءِ ترارن جا قسم: ٽڙڳ، سيفون، تيغون، سانگيون، ڪرماڻيون، اصفهانيون، ڪوميون، سرواهيون، همليون، اورايون، ڇڳاريون، رپيريون، سونهريون وغيره جنگي هٿيارن ۾ شامل هئا.
جنگجو جوانن جا نالا: جنگجو جوانن کي هيٺين نالن سان سڃاتو ويندو هو. ارڏا، اڻموٽ، ڪونڌ، ڪونڌر، ونڪا ۽ باذڪا، طريل طرا، ڇڳير، ڇڳيرا، انگيرا ۽ اڻيارا، اڻي پوشا ۽ اڻ جهل، ڪوپا ۽ ڪنڌار، مانجهي ۽ پنهي ۽ آيڌ ۽ ساٽهه، سيگر ۽ ڌڱ ۽ رڏ، جونجهار، دؤنسيدار، ميلهي ڪار ۽ پرڏر، جوڌا، ڏهيسر، اڍائي ونگ ورتهه ۽ چوڙي پٽ، پاونگ ۽ اڻاگيل، ڪڙها ۽ سارڌو، سائو ۽ ساهو، پنجاهيا ۽ احدي، ميراڻي ۽ مهائين وغيره.