جنھاڻ سومرو

جنھاڻ سومرو: جنھاڻ سومرو ٽنڊي محمد خان ضلعي جو اهم ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ جي آبادي اٽڪل ڏھہ هزار آهي. هيءُ ڳوٺ ديھہ جو وڏي ۾ وڏو ڳوٺ آهي. هتي اڪثريت سومرن جي آهي ۽ ڀر پاسي ۾ سما، سيد، ميگهواڙ، ڪولهي، مهاڻا، رند وغيرہ ويٺل آهن. هن ڳوٺ ۾ ٽي ديني مدرسا، ٻہ پرائمري اسڪول، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي هڪ رورل اسپتال بہ آهي. هتان جا اڪثر ماڻهو ديندار آهن. عورتون بہ قرآن پاڪ جون حافظياڻيون ۽ عالم آهن. سنڌ جو عوامي شاعر ابراهيم منشي بہ هن ڳوٺ جو هو. علي محمد ’سپاهي‘ سومرو بہ هتي جو شاعر هو، جنهن کي منشي ابراهيم پنهنجو استاد مڃيندو هو. منشي ابراهيم جو والد پڻ مولود ۽ مداح جو سٺو شاعر هو. هن ڳوٺ جا بھترين استاد صوف سومرو، خير محمد سومرو، جان محمد سومرو، محمد طيب سومرو ۽ عبدالرشيد سومرو ٿي گذريا آهن، ارڏي شاعر ابراهيم منشيءَ جي شاعري گڏ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ غلام محمد ’آزاد‘ سومرو بہ هن ڳوٺ جنھاڻ سومري جو رهاڪو آهي. جنھاڻ سومري جو ذڪر شاھہ ڪريم جي ڪتاب بيان العارفين ۾ پڻ آيل آهي. ان ڪري اندازو آهي تہ هيءُ ڳوٺ تمام پراڻو ۽ اهميت وارو آهي. هن ڳوٺ جو عبدالخالق سومرو مختلف وقتن تي صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊبو رهيو آهي .


لفظ جنھاڻ سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو