جن جو عشق ﷲ سان

جن جو عشق سان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سگهڙ شاعر فقير محمد قاسم ڪلوڙ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب جو مرتب قمرالدين کوسو آهي. هن ڪتاب ۾ فقير محمد قاسم ڪلوڙ جي لوڪ ادب جي مختلف صنفن: حمد، سينگار بيت، گوريءَ جا بيت، ڏهس جا بيت، آجيان بيت، پندرهين صديءَ جا بيت، نصيحت جا بيت، ڏور بيت، گرچيلو، ڳجهارت ۽ ٻيا نصيت ڀريا نقطا شامل آهن. 176 صفحن تي مشتمل، پڪي ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب ”شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ سگهڙ ريسرچ اينڊ ڊويلپمنٽ انسٽيٽيوٽ ڪراچي“ طرفان 2000ع ۾ ڇپايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو