جن مسجد

جن مسجد: مڪي مڪرمه جي هڪ مشھور شاهراھہ حجون تي جنت المعليٰ قبرستان جي ڀرسان ’جن مسجد‘ واقع آهي. مسجد جنت المعليٰ جي قبرستان جي مين گيٽ سان آهي. هن مسجد جا ٻہ ٻيا نالا بہ آهن. (1) مسجد بيعت، (2) مسجد حرس. مسجد جن بابت روايت آهي تہ اُن مقام تي جنن حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وآله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿي دين اسلام قبول ڪيو هو ۽ سرڪار دو عالم جي هٿ مبارڪ تي بيعت ڪئي هئي. پهرين هيءُ مقام کليل ميدان هو. هيءُ اهو ئي مقام آهي، جتي سورة جن نازل ٿي. هن وقت هتي هڪ شاهي مسجد جوڙيل آهي. جنهن جي فرش، ڀتين ۽ ڇت تي تمام سهڻيون ٽائيلون لڳل آهن. هن مسجد جي ڪل پکيڙ 600 ميٽر هم چورس آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو