
جهار
جهار: جهار انهن پکين کي چئبو آهي، جيڪي پوک پچڻ جي مند ۾ اچي داڻيدار سنگن تي ويهندا آهن ۽ ڪچڙو اَنُ چڳندا آهن. جهار ۾ جهرڪيون، طوطا، ٻوڙيون، وهيا، ڪانوَ، ڪٻرون ۽ ٻيا پکي شامل هوندا آهن. جيڪڏهن جهار نہ هڪلبي تہ پوک جو اَنُ کاڄي ويندو. جهار هڪلڻ لاءِ کانڀاڻي ۽ ٽاٽ ڪم آڻيندا آهن. جتي پکي سنگن تي ويهندا آهن، اتي کانڀاڻيءَ مان مٽيءَ جا گليلا اُڇلي، پکين کي ڀڄائبو آهي، جڏهن تہ جهار گهڻي هئڻ جي صورت ۾ ٽاٽ سان وڏا ٺڪاءَ بہ ڪبا آهن، جنهن ڪري جهار اُڏامي ويندي آهي.
ٻيجاري يا ڪورڙ پوک جي بہ جهار هڪلبي آهي تہ جيئن پکي ڇٽيل ٻج چُڳي ۽ سلا پٽي نہ وڃن. جهار هڪلڻ لاءِ پوک ۾ پيهو ٺاهبو آهي، جنهن تي ويهي جهار هڪلبي آهي. (وڌيڪ ڏسو: پيهو، جلد ٽيون).