جهارو

جهارو: ’جهارو‘ تمام ڇڊي لَسيءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ پاڻي گهڻو گڏيل هوندو آهي. ’ڇڊيءَ ڀنگ‘ کي بہ جهارو چئبو آهي. عام اصطلاح ۾ نيرن پاڻيءَ کي بہ ’جهارو‘ چيو ويندو آهي. ان کان سواءِ پکيءَ جي لاماري کي بہ سنڌيءَ ۾ جهارو چئبو آهي. مثال طور: ’پکيءَ جهارو ڏنو‘. ان کان سواءِ پکين جي ولر ڪري اُڏامڻ واري حالت کي بہ ’جهالارو‘ چيوويندو آهي.


لفظ جهاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو