جهالاڪاٺي (ذات): هن ذات وارا پاڻ کي راجا ڪاٺ جو اولاد سڏائين ٿا.
راجا ڪاٺ، ڪاٺياواڙ ۾ رهندو هو. روايتن موجب سومناٿ جو مندر بہ ڪاٺي راجپوتن تعمير ڪرايو هو. سندن شجرو هيٺينءَ ريت ملي ٿو: سديودن
(Suddhodana) جي ڇهين پشت ۾ راجا اڪشو اڪو (Ikshvaku) ٿيو. ان کي ٻہ پٽ ڪوڪش (Kukshi) ۽ وڪوڪش (Vikukshi) نالي ٿيا. وڪوڪش (Vikukshi) جي اولاد مان رامچندر ٿيو، جڏهن تہ ٻئي پٽ جي اولاد مان ميٿل ٿيو، جنهن ميٿلاپور جو بنياد وڌو. راجا ميٿل جي ٽيهين پيڙهيءَ مان راجا ڪاٺي ٿيو.
راجا ڪاٺيءَ جي اولاد مان راجا جنڪ ٿيو، جنهن جي ڌيءَ سيتا ديوي هئي.
راجا ڪاٺيءَ جي پوٽي جو نالو ارويت هو، جنهن جا ٻہ پٽ هڪ سودرت ۽ ٻيو جهالا هو. راجا سودرت جو اولاد بدستور ڪاٺي سڏرائيندو رهيو، جڏهن تہ جهالا پنھنجي الڳ راڄڌاني قائم ڪئي ۽ ان جو اولاد پاڻ کي ’جهالاڪاٺي‘ سڏائڻ لڳو. ڪاٺي هڪ پراڻو قبيلو آهي. راجا جهالا جي اولاد مان راجا ڀاؤ ٿيو، جنهن جو پٽ ماڌو، ڪاٺياواڙ مان رياست ڪوٽه هليو ويو ۽ رياست ڪوٽه جي راجا ڀيم جي پٽ راجا هيم سان پنھنجي ڀيڻ جي شادي ڪرايائين. ان رشتي کانپوءِ ڪوٽه جي راجا ماڌوءَ کي سپھہ سالار مقرر ڪيو ويو. ڪجهہ عرصي کانپوءِ ماڌوءَ جي اولاد مان هڪ شهزادي، ڪجهہ علائقي تي قبضو ڪري جهالاواڙ نالي رياست جو بنياد وڌو. اتي ’جهالا پتڻ‘ نالي هڪ شھر بہ آباد ڪيائين. ڪوٽه جي راجا جي موت کان پوءِ کيس پُٽ جو اولاد نہ هئڻ ڪري سڄو علائقو سندس قبضي ۾ اچي ويو. برصغير جي ورهاڱي تائين ڪوٽه ۽ جهالاواڙ رياستن تي ’جهالاڪاٺين‘ جي حڪومت هئي. هنن مان شھزادي کيم سنگهہ جي شادي ميواڙ جي راڻي پرتاب سنگهہ جي ڌيءَ سان ٿي هئي. موجودہ ’کيم ڪرن‘ جو شھر راجا کيم جو وسايل آهي.
- سنڌ ۾ اڄ بہ ڪاٺي ۽ ڪاٺيا ذات جا ماڻهو دادو ضلعي ۾ رهن ٿا ۽ اڪثر مسلمان آهن. تعلقي ميهڙ جو حبيب ﷲ ڪاٺيو مشھور قومي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ڪاٺي ذات جا ماڻهو پنجاب ۾ بہ رهن ٿا. عبدالمجيد ڪاٺيا، وفاقي وزير تعليم بہ ٿي رهيو آهي.