
جهالَرَ (زيور)
جهالَرَ (زيور): جهالر سنڌ جي عورتن جو هڪ مقبول ۽ سونهندڙ ڳھہ آهي، جيڪو ننڍڙين گول گِهنگهرين سان جڙيل هوندو آهي. هي ڳھہ ڳچيءَ ۾ پائبو آهي تہ ڳچيءَ سان لڳي بيهندو آهي، ان جو پٽو ٻن کان چئن انچن تائين ويڪرو ٿيندو آهي. موتين جي سَرُن مان ٽانڪيل پانڪَ، يا ٽؤنرن جي قطار، جيڪا ڪنهن ڪپڙي وغيرہ جي ڪنارين تي هڻبي آهي. ان کي ’جهالر‘ چئبو آهي. جهالر (ڳھہ) چاندي، سون ۽ پتل وغيرہ مان بہ ٺاهيو ويندو آهي.