جهالڪي ڍنڍ

جهالڪي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ، ڳوٺ ماڙي جلباڻي، تعلقي سڪرنڊ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ انگريز دور تائين عروج تي رهي. هن ڍنڍ جو ذڪر جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ‘پنھنجي ڪهاڻي پنھنجي زباني’ ۾ ڪيو آهي ته، “پهرين جنوري 1923ع تي صبح جو ماڙيءَ جي ڳوٺ ڪووي ڪليڪٽر نوابشاھہ جي منزل هئي.مسٽر عبدالقادر بلوچ مختيارڪار سڪرنڊ، جهالڪي ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ جلسو ڪرايو.” انهي حوالي مان ڍنڍ جي اوج جي خبر پئي ٿي. هينئر پاڻي نہ هئڻ ڪري ڍنڍ هن وقت پنهنجو اوج وڃائي ويٺي آهي.


لفظ جهالڪي ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو