جهامنداس ’عاشق‘

جهامنداس ’عاشق‘: سنڌ جي نامياري شاعر جهامنداس ولد جيئند مل ’طالب‘ جو جنم، 15 مئي 1924ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، شاعريءَ ۾ ’عاشق‘ تخلص اختيار ڪندو هو. سندس وڏا، کمڻ کان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهيا. جهامنداس پرائمريءَ کان سنڌي فائنل تائين تعليم شڪارپور مان ورتي. فائنل ڪرڻ کانپوءِ اناج منڊيءَ ۾ هڪ واپاري ڪوٺي قائم ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات سلطان ڪوٽ جي مشھور شاعرن آغا نادر خان ۽ آغا گل حسن ’گل‘ جي صحبت ۾ ڪئي. کيس صحافت سان بہ دلچسپي هئي، ڪجهہ اخبارون شايع ڪيائين ۽ ’شڪارپور پريس ڪلب‘ جي عهدن تي بہ فائز رهيو. هن 1962ع ۾ اميربخش ’امير‘ قريشيءَ ۽ خير محمد طيباڻيءَ جي سهڪار سان ’بزم ادب شڪارپور‘ جو بنياد وڌو. جهامنداس ’عاشق‘، ’بزم سچل سرمست‘ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري بہ رهيو. ”صوفي ڪلب شڪارپور“ جو سرگرم ميمبر هو. هن 9 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي.


لفظ جهامنداس ’عاشق‘ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.05.15  عيسوي

سنڌ جي نامياري شاعر جهامنداس ولد جيئند مل ’طالب‘ جو جنم، 15 مئي 1924ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، شاعريءَ ۾ ’عاشق‘ تخلص اختيار ڪندو


2001.01.09  عيسوي

. جهامنداس ’عاشق‘، ’بزم سچل سرمست‘ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري به رهيو. ”صوفي ڪلب شڪارپور“ جو سرگرم ميمبر هو. هن 9 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بسمل ٽکڙائي
راج راڄپر
خواجہ غلام حسين ملنگ
پرمانند پياسي
عـاشـق عـارباڻـي
احمد علي شاھہ
خانڻ چنجڻي
صبا اڪبر آبادي
فقير خير محمد صوفي
مير علي نواز خان ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون