جهامنداس ’عاشق‘

جهامنداس ’عاشق‘: سنڌ جي نامياري شاعر جهامنداس ولد جيئند مل ’طالب‘ جو جنم، 15 مئي 1924ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، شاعريءَ ۾ ’عاشق‘ تخلص اختيار ڪندو هو. سندس وڏا، کمڻ کان لڏي اچي شڪارپور ۾ رهيا. جهامنداس پرائمريءَ کان سنڌي فائنل تائين تعليم شڪارپور مان ورتي. فائنل ڪرڻ کانپوءِ اناج منڊيءَ ۾ هڪ واپاري ڪوٺي قائم ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات سلطان ڪوٽ جي مشھور شاعرن آغا نادر خان ۽ آغا گل حسن ’گل‘ جي صحبت ۾ ڪئي. کيس صحافت سان بہ دلچسپي هئي، ڪجهہ اخبارون شايع ڪيائين ۽ ’شڪارپور پريس ڪلب‘ جي عهدن تي بہ فائز رهيو. هن 1962ع ۾ اميربخش ’امير‘ قريشيءَ ۽ خير محمد طيباڻيءَ جي سهڪار سان ’بزم ادب شڪارپور‘ جو بنياد وڌو. جهامنداس ’عاشق‘، ’بزم سچل سرمست‘ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري بہ رهيو. ”صوفي ڪلب شڪارپور“ جو سرگرم ميمبر هو. هن 9 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي.


لفظ جهامنداس ’عاشق‘ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.05.15  عيسوي

سنڌ جي نامياري شاعر جهامنداس ولد جيئند مل ’طالب‘ جو جنم، 15 مئي 1924ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، شاعريءَ ۾ ’عاشق‘ تخلص اختيار ڪندو


2001.01.09  عيسوي

. جهامنداس ’عاشق‘، ’بزم سچل سرمست‘ جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري به رهيو. ”صوفي ڪلب شڪارپور“ جو سرگرم ميمبر هو. هن 9 جنوري 2001ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دلپت صوفي
سعيد ميمڻ
سردار شاھہ
اسلم علوي اسلم
خوش خير محمد هيسباڻي
امام الدين ضامن 1
انور ڪاڪا
شبير هاليپوٽو
بِنگو گوپانگ
فقير خير محمد صوفي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون