جهانجهر (ڳهه)
جهانجهر: جهانجهر، پيرن ۾ پائڻ جو هڪ ڳهه آهي، جنهن کي ’پازيب‘ به چوندا آهن، جهانجهر خاص ڪري وِهانءَ جي ڳهن ۾ ڪنوار لاءِ لازمي سمجهي ويندي آهي، جهانجهر ميناڪاريءَ واري به ٿيندي آهي ته ٺپي واري به ٺهندي آهي. ناچ وقت پيرن ۾ پاتل گهنگهرن واري پٽي يا جهانجهر کي ”ڇير“ به چوندا آهن. جهانجهر جي پٽي ننڍڙن گهنگهرن سان جهنجهيل هوندي آهي، جڏهن ته ناچ واري ڇير ۾ وڏن گهنگهرن واري وڏي پٽي ٿيندي آهي.
شيخ اياز به جهانجهر کي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي:
جهوپڙيءَ ٻاهران رات جهانجهر وڳِي،
پير ڪنهن جا هئا، ڪير مون کان ڀَڳِي؟