جهانجهر (ڳهه)

جهانجهر (ڳهه)

جهانجهر (ڳھہ)

جهانجهر: جهانجهر، پيرن ۾ پائڻ جو هڪ ڳھہ آهي، جنهن کي ’پازيب‘ بہ چوندا آهن، جهانجهر خاص ڪري وِهانءَ جي ڳھن ۾ ڪنوار لاءِ لازمي سمجهي ويندي آهي، جهانجهر ميناڪاريءَ واري بہ ٿيندي آهي تہ ٺپي واري بہ ٺهندي آهي. ناچ وقت پيرن ۾ پاتل گهنگهرن واري پٽي يا جهانجهر کي ”ڇير“ بہ چوندا آهن. جهانجهر جي پٽي ننڍڙن گهنگهرن سان جهنجهيل هوندي آهي، جڏهن تہ ناچ واري ڇير ۾ وڏن گهنگهرن واري وڏي پٽي ٿيندي آهي.
شيخ اياز بہ جهانجهر کي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي:
جهوپڙيءَ ٻاهران رات جهانجهر وڳِي،
پير ڪنهن جا هئا، ڪير مون کان ڀَڳِي؟


هن صفحي کي شيئر ڪريو