جهانگارا 1

جهانگارا 1: جهانگارا تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ يونين ڪائونسل، تپو ۽ ڳوٺ آهي، جنهن جي آبادي 20 هزارن جي لڳ ڀڳ ٿيندي. جهانگارن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ان کي ’جهانگار‘ ذات جي ماڻهن آباد ڪيو هو. سنڌ تي عربن جي ڪاھہ وقت جهانگارا سيوهڻ سرڪار جو پرڳڻو هو ۽ محمد بن قاسم هن شھر/ ڳوٺ وٽان لنگهي منڇر ڍنڍ پار ڪئي هئي. هڪ ٻي روايت مير علي شير قانع ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي آهي تہ:
ڄام چينو خان ڀائرن جي نفاق کان مجبور ٿي، جڏهن پنهنجن ساٿين سان گڏجي کنڀاٽ پهتو تہ هو اڍيجا قبيلي سان رهڻ لڳو ۽ پاڻ کي مضبوط ڪندو رهيو. ملتان کان واپس موٽڻ بعد چيني خان سيوستان (سيوهڻ) کان 6 ڪلو ميٽر پري، اولھہ طرف هڪ مناسب هنڌ تي نئون شھر ٻڌايو، جنهن تي باجارا نالو رکيائين“. ماضيءَ ۾ سيوهڻ پرڳڻي ۾ جهانگارا، نئينگ، شاھہ حسڻ، ٻنڌڙي، باجارا، ٺيڙهي ۽ منڇر ڍنڍ وارا علائقا اچي ويا ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو