جهانگياڻي سنتداس

جهانگياڻي، سنتداس: نامور محقق ۽ ليکڪ، سنتداس جهانگياڻيءَ، حيدرآباد، سنڌ ۾، 20 جولاءِ 1929ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو منگهارام جهانگياڻي هو. هن بي. اي آنرس (ممبئي)، ايم. اي (پنجاب) ۽ صحافت ۾ ڊپلوما (ڀارتيه وديا ڀون) مان ڪرڻ کان سواءِ دهلي يونيورسٽيءَ مان “Shah Abdul Latif and His Times” عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سنتداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘ جو ويجهو عزيز هو ۽ نئين دهليءَ ۾، هڪ ئي گهر جي ٻن ڀاڱن ۾ گڏجي رهندا هئا. سنتداس ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي هند، سنڌ جي نامور رسالن: مهراڻ، نئين زندگي، هند واسي، رم جهم،
گل ڦل ۽ سنڌوءَ ۾ شايع ٿيا. سنتداس جهانگياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
ادب جي راھہ ۾ (چونڊ تحريرون: 1958ع)، (2) هل پنھل
(مضمون: 1967ع)، (3) پاپ جي مايا (ڪهاڻيون ۽ ادب لطيف: 1968ع)،
(4) تن سپون سوجهي ڪڍيون (شاھہ لطيف تي تحقيقي مضمون: 1985ع)،
Shah Abdul Latif and His Times (1986) (5)
سنتداس جهانگياڻي، ديش بنڌو ڪاليج دهليءَ ۾ سنڌي شعبي جو سربراھہ، وائيس پرنسپال ۽ پرنسپال بہ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.20  عيسوي

نامور محقق ۽ ليکڪ، سنتداس جهانگياڻيءَ، حيدرآباد، سنڌ ۾، 20 جولاءِ 1929ع تي جنم ورتو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي معمور يوسفاڻي
ساجده پروين ڊاڪٽر
رحمت ﷲ ماڃوٺي
رياضت ٻرڙو
امر لعل هنڱوراڻي
علي قلي بيگ مرزا
شوڪت صديقي
ارباب علي عادل چوهاڻ
پنجواڻي رام پروفيسر
آفتاب نظاماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون