جهـانگـياڻـي پريتي

جهـانگـياڻـي پريتي

جهانگياڻي پريتي

جهـانگـياڻـي پريتي: بـالـي ووڊ جـي سـنڌي اداڪارہ پريتي جهانگيـاڻـي، 18 آگسٽ 1980ع ۾ ڪرناٽڪا رياست ۾ ڄائي. هيءَ سنڌيءَ کانسواءِ انگريزي، هندي ۽ ڪنڙ ٻوليون ڳالهائي سگهي ٿي. سندس تعلق سنڌي ڪٽنب سان آهي. هن ممبئيءَ جي جئہ هند ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، جتي سندس ماءُ وائس پرنسپال آهي. پريتيءَ جي پهرين فلم تہ ’يه هئي پريم‘ هئي، پر پهرين ڪامياب فلم، جنهن کيس شھرت ڏياري، سا هئي ’محبتين‘. ان کانپوءِ پاڻ ’آوارہ پاگل ديوانا‘ ۾ آئي. سندس ڪي اهم فلمون هي آهن: نہ تم جانو نہ هم، واھہ تيرا ڪيا ڪهنا، انرٿ، باز، سودا، چهره، چاهت ايڪ نشا وغيرہ.
هن تامل، تيليگو، مالايالم ۽ پنجابي ٻولين جي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو. پريتي جهانگياڻيءَ، 2008ع ۾ اداڪار پروين ڊابس سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ٻار آهي. هوءَ باندرا ممبئيءَ ۾ رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.08.18  عيسوي

بـالـي ووڊ جـي سـنڌي اداڪاره پريتي جهانگيـاڻـي، 18 آگسٽ 1980ع ۾ ڪرناٽڪا رياست ۾ ڄائي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

در محمد عالماڻي
شبلي نعماني علام
ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا 2
ابو دلف
ڄام گوڙجي(ٻيو)
ڏاسواڻي چندر
علي محمد فقير صوفي
حبيب ﷲ حبيب شهدادڪوٽي
خواجہ احمد دمائي
ضياءَ الدين احمد عباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون