جهانگي خان وڏيرو: تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دؤر) جو مصنف غلام رسول مھر لکي ٿو تہ: ڄام چيني خان جي وفات کانپوءِ وصيعت موجب سندس پٽ محمد مهدي کي تلوار ۽ پڳ ملي. جڏهن تہ ٻئي پٽ دائود کي تسبيح، مصلو ۽ جمائل شريف مليا. ٻنهي وصيعت کي قبول ڪيو ۽ سک آرام سان رهڻ لڳا پر جڏهن محمد مهدي گذاري ويو تہ ان جي حصي تي دائود خان قبضو ڪري ورتو پر محمد مهديءَ جي پٽ ابراهيم، جنهن کي عام ماڻهو ’ڪلهوڙا خان‘ ڪوٺيندا هئا، پنھنجي پيءُ جي حصي جو دعويدار ٿي بيٺو، جنهن کانپوءِ خاندان جا ڪجهہ ماڻهو ابراهيم جي پاسي تہ ڪجهہ دائود خان جي پاسي ٿي بيٺا. ان جي نتيجي ۾ اهڙو فتنو شروع ٿي ويو جو دائود خان کي وطن ترڪ ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا بہ صورت نظر نہ آئي. آخر دائود خان ٻار ٻچا ڇڏي ملڪيت تان آسرو لاهي حمايتي ساڻ ڪري وڏيري جهانگي خان وٽ ’ونجي‘ شھر ڏانهن هليو ويو. جهانگي خان ڪلهوڙا خاندان جو مخلص عقيدتمند هو، تنهن هن جي خاطر تواضع ۽ مهمانداريءَ ۾ ڪا بہ گهٽتائي ڪا نہ ڪئي. دائود خان اتي ڪجهہ آباد ۽ غير آباد زمينون پسند ڪري اتي ’بتيا‘ نالي پنهنجو نئون ڳوٺ ٻڌرايو. اهو ڳوٺ جهانگي خان جي مدد سان دائود خان آباد ڪيو. ’صادق التواريخ‘ جو مصنف لکي ٿوته: وڏيري جهانگي خان پنهنجا ڀروسي جوڳا ماڻهو دائود خان کي مدد ۾ ڏنا ۽ دائود خان انهن جي مدد سان ونجي شھر جي ٻاهران زمين جو هڪ ٽڪرو پسند ڪري اتي پنھنجي رهڻ لاءِ جايون ٺهرايون. دائود جي وفات کانپوءِ محمود خان جانشين مقرر ٿيو ۽ گهٽ آمدنيءَ سبب اتان لڏڻ جو ارادو ڪيائين پر جهانگي خان ۽ سندس خاندان وارا انهي ڳالھہ تي راضي نہ ٿيا ۽ وڌيڪ زمينون محمود خان جي حوالي ڪري کيس ترسڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا. جنهن کانپوءِ محمد دائود خان پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو.