جهانگِي (ذات): جهانگي عام طرح جهنگ ۾ رهندڙ مارو ماڻهن کي چوندا آهن، جيڪي اڪثر ڏُٿ تي گذران ڪندا آهن ۽ هن وقت هڪ ذات جي حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ڪلاسيڪي، لوڪ ۽ جديد شاعريءَ ۾ ”جهانگي“ ۽ ”جهانگيئڙا“ لفظ مارو ماڻهن جي معنيٰ ۾ ڪم ايندا آهن.
مرڪ نه منهنجو ماڙيون، اسين لوئڙياريون لال،
اسين جهانگي جهنگ جا، مارو چاريون مال،
جتي ڪٿي جهوپڙا، جهانگيئڙن جا جال،
ڪڍ عمرڪوٽ مان، ڪري ڀلائي ڀال،
چئي شير محمد شال، موٽي ملان مارئين!
(حوالو: ڪتاب ’عمر مارئي‘: ڊاڪٽر بلوچ، ص 20، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو)