جهان آرا بيگم

جهان آرا بيگم: بيگم جهان آرا، شاهجهان بادشاھ ۽ ارجمند بانو بيگم (ممتاز محل) جي ننڍي ڌيءُ هئي، هوءَ 1023ھه/ 1614ع ڌاري ڄائي. انهيءَ وقت جهانگير بادشاھه هندستان جي تخت تي هو، جنهن ڏاڍيون خوشيون ڪيون. کيس ننڍي هوندي تعليم ڏيڻ لاءِ قابل ۽ تجربيڪار معلم چونڊي رکيا ويا. سگھو ئي هن قرآن شريف ۽ فقھ جا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، ٿورن ورهين ۾ ئي عربيءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪئي. هوءَ هميشه قرآن شريف ۽ حديث جا ڪتاب پڙهندي رهندي هئي ۽ عبادت ۾ به مشغول رهندي هئي، هن جي عبادت سبب شاهجهان جي ساڻس تمام گھڻي محبت هئي. جهان آرا بيگم فارسي ۽ عربي انشاء پردازيءَ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي، ۽ گفتگو تمام مٺي ڪندي هئي، ترڪي ٻولي به ڄاڻندي هئي، شعر به چڱو چوندي هئي، جو اڪثر اخلاقي مضمون تي هوندو هو. هوءَ جيتوڻيڪ تربيت جي ڪري عالي دماغ ۽ ضدي هوندي هئي، ته به هلت تمام نياري هوندي هئس ۽ تمام سخي هوندي هئي. هيءَ پنهنجي ٻين ٽن ڀيڻن ۽ چئن ڀائرن کان گھڻين ڳالهين ۾ وڌيڪ هئي، تنهنڪري پيءُ ۽ ماءُ کي گھڻو وڻندي هئي. هن کي جيڪي قيمتي انعام ملندا هئا، سي هميشه هوءَ خير جي ڪمن ۾ خرچيندي هئي. سندس ماءُ سان محبت جو ثبوت اهو آهي ته جڏهن ارجمند بانوءَ وفات ٿي ڪئي، تڏهن بادشاھه کي وصيت ڪيائين ته منهنجي ملڪيت جو اڌ حصو جھان آرا بيگم کي ملي ۽ باقي اڌ ٻئي اولاد کي ورهائي ڏجي، پر اورنگزيب عالمگير، شاهجھان جي وفات کان پوءِ اها وصيت واري تقسيم، شرع جي برخلاف ڏيکاري، رد ڪري ڇڏي.
1052ھه/ 1642ع ۾ جھان آرا جي سالگرھه جي ڏينهن آگري ۾ وڏو جشن ڪيو ويو. رات جو خوشي ڪندي، ٻانهين جي هٿن ۾ جيڪي شمعون هيون، تن مان جهان آرا بيگم جي ڪپڙن کي اوچتو باھه لڳي وئي، ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان محل جي ماڻهن اها باهه وسائي، ان ۾ چار نوڪرياڻيون سڙي ويون. خوشيءَ جي بدران، محل ۾ غم ۽ افسوس پئجي ويو. حڪيم اچي گڏ ٿيا. سٺ هزار روپيا بادشاھه خيرات ڪيا ۽ شهزاديءَ جي شفا لاءِ دعائون گھريون ويون. نيٺ پنجن مهينن کان پوءِ هوءَ چڱي ڀلي ٿي. انهيءَ وچ ۾ بادشاھه ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ رهندو هو ۽ اڪثر محل کان ٻاهر رهندو هو ۽ پيٽ ڀري ماني نه کائيندو هو. شهزاديءَ جي چڱڀلائيءَ جي خوشيءَ ۾ بادشاھه وري ٻيو جشن ڪيو، جنهن مان نه رڳو فقير، پر امير، عالم ۽ فاضل به شاهي فيض کان بهره ياب ٿيا. شهزاديءَ کي سون سان توري، اُهو سون مسڪينن ۽ محتاجن کي ڏنو ويو، انهن خوشين ۾ ڪُل اٺاسي لک رپيا خرچ ٿيا. هن منش الارواح نالي چشتي سلسلي جي بزرگن تي ڪتاب به لکيو، ان کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ’رساله صحابيه‘ (1641-42) جي نالي سان به لکيائين، جيڪو گجرات جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. پاڻ آگري جي ڀرسان ٽري پوليا ۾ قلعي لڳ ڳاڙهن پٿرن سان مسجد به جوڙائي هئائين، جيڪا ان وقت جي پنجن لکن ۾ ٺهي هئي.
جهان آرا بيگم نه رڳو حسن ۽ جمال جي ڪري، پر عقلمنديءَ ۽ سياڻپ جي ڪري به ماڻهن کي موهي ڇڏيندي هئي. نه رڳو هندستان، پر سموري ايشيا کنڊ ۾ مشهور ٿي وئي. تن ڏينهن ۾ شهزادي اورنگزيب ڪا اهڙي هلت ڪئي، جنهنڪري بادشاھه مٿس گھڻو ڪاوڙيو، سندس جاگير ضبط ڪري ڇڏيائين. هن جي معافيءَ لاءِ وڏن اميرن عرض ڪيو، پر بادشاھه قبول نه ڪيو. نيٺ شهزاديءَ جي ماءُ ۽ محلات جي ٻين بيگمن، جهان آرا بيگم کي اچي منٿ ڪئي، تنهن وڃي بادشاھه کي سفارش ڪئي، تڏهن مس مس عالمگير کي معافي ملي ۽ پنهنجي جاگير ۽ درجو مليس. انهيءَ احسان جو هو هميشه پاڻ تي حق سمجھندو هو ۽ شاهجهان جي وفات کان پوءِ هن جهان آرا بيگم کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏني ۽ هميشه هن کي عزت آبرو ڏيندو رهيو.
جهان آرا بيگم جيتوڻيڪ عالي دماغ هوندي هئي، ته به جڏهن ڪا غلطي ڪندي هئي، ان کي ترت تسليم ڪندي هئي.
جهان آرا بيگم رمضان 1092ھه/ 5 سيپٽمبر 1680ع ۾ وفات ڪئي، ۽ نظام الدين اولياءُ جي درگاھه سان لڳ دهليءَ ۾ هڪڙي قبي ۾ دفن ڪئي وئي. اها جاءِ هن پنهنجي مدفن لاءِ ٽي ڪروڙ روپيا ڏئي خريد ڪئي هئي. مگر عالمگير سندس مرڻ کان پوءِ ٻه ڪروڙ زور زبردستيءَ ڦٻائي ويو. هن پنهنجي پيءُ سان آخري وقت تائين نظربنديءَ دوران آگري واري قلعي ۾ گڏ رهي سلڇڻي ڌي هجڻ جو ثبوت ڏنو.جهان آرا جي قبر جي سيرانديءَ، سنگ مرمر جي تختيءَ تي، سندس هيءُ بيت لکيل آهي:بغير سبزه نبوشـد ڪسي مزار مرا،ڪه قبر پوشِ غريبان همين گياه بس است.[ساوڪ کان سواءِ ٻيو ڪو به منهنجي قبر تي پوش نه وجھي، ڇا ڪاڻ ته غريبن جي قبر جو پوش بس اهو گاھه ئي آهي.]
مرزا محمد علي ’ماهر‘، جهان آرا جي شان ۾ هڪڙي مثنوي لکي هئي، جنهن جي لاءِ هن کيس پنج سؤ پيا انعام ڏنو. انهيءِ مان هڪڙو بيت هي آهي:
بـذاتِ او صـفــات ڪـــرد گارســت ڪه خود پنهان و فيضش آشڪارست. [انهيءَ بيگم ۾ خدا واريون صفتون آهن، جو پاڻ لڪل آهي ۽ سندس فيض ظاهر آهي.]
جهان بانو: جهان بانو، اڪبر بادشاهه جي پٽ مراد مغل جي ڌيءُ هئي. سندس شادي جهانگير جي پٽ شهزادي پرويز سان ٿيل هئي، جنهن مان کيس نادرا بيگم نالي ڌي هئي، جيڪا شاهجهان جي پٽ دارا شڪوه جي گهر واري هئي.


لفظ جهان آرا بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو