جهرل

جهرل: جهرل راجا لوڪيءَ جي اولاد مان آهن. راجا لوڪيءَ جي اڻهٺهين پشت مان راجا جهاج ٿيو، جنهن جو اولاد جهرل راجپوت سڏرائي ٿو. ڪجهہ مؤرخن جهرل ۽ جرال کي هڪ ئي خاندان لکيو آهي. جيڪو درست نہ آهي. جهرل، سورج ونسي آهن، جڏهن تہ جرال، چندر ونسي خاندان سان تعلق رکن ٿا. راجا جهاج پنھنجي پٽ ڪانگ جي نالي تي ’ڪانگڙا‘ آباد ڪري، ان کي راڄڌانيءَ جو درجو ڏنو هو، جڏهن تہ جرال قبيلي جي راڄڌاني ڪلانور هئي. جهرل قبيلو، مغل حڪمران شاھجھان جي دور ۾ رياست رهلو جو حڪمران هو.


لفظ جهرلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو