
جهرڪ مان لڌل مورتيون ۽ شهر جي هڪ پراڻي عمارت جو ڏيک
جهرڪ2: جهرڪ، ٺٽي ضلعي جو هڪ قديم شھر آهي، جيڪو ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سنڌو درياھہ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي. هيءُ شھر ’جهرڪ‘ ذات جي ماڻهن جو آباد ڪيل آهي، جيڪي اصل ۾ سماٽ آهن. 1758ع ڌاري جڏهن سنڌو درياھہ پنهنجو وهڪرو بدلائي ڪوٽڙي ۽ ٺٽي وٽان وهڻ لڳو، تڏهن درياھہ جي ڪپن وارن ٻين شهرن سان گڏ جهرڪن جو شھر بہ آباد ٿيو. ڪئپٽن اي. ڊيلهوسٽ 1832ع ۽ 1839ع ڌاري هن شھر لاءِ لکيو هو تہ: ”هتي بازار ۾ 200 دڪان آهن، ٻنهي پاسي رستن جي صف بندي ٿيل آهي. بازار مٿان خوبصورت ڇت آهي.“ هي شھر ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي زماني کان اسماعيلي بزرگن جي سرگرمين جو مرڪز هو، ميرن جي زماني ۾ هتي اسماعيلي خواجن جا 983 گهر هئا. 1838ع ڌاري آغا خان اول، آغا شاھہ حسن علي، ڪرمان (ايران) کان هتي جهرڪن ۾ اچي آباد ٿيو ڇا ڪاڻ تہ هن شھر کان سواءِ آسپاس وارين بستين ۾ سندس مريدن جو وڏو تعداد رهندو هو. ان وقت سنڌ تي ميرن جو راڄ هو. سنڌ جي آخري حڪمران مير نصير خان، ايران جي حاڪم، محمد علي شاھہ قاچار جي چوڻ تي
آغا خان کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ جوکين جي سردار کي حڪم ڪيو. انهيءَ ڪري جهرڪن ۾ آغا خان جي مريدن۽ جوکين جي جنگ لڳي. انهيءَ جنگ ۾ آغا خان جي ملڪيت جي لٽ مار ڪئي وئي. ليڪن انگريزن جي دٻاءَ سبب ميرن جو دور پڄاڻي کي ويجهو هو. انهيءَ ڪري آغا حسن علي شاھہ، ڪابل جي پهرين ويڙھہ وقت چارلس نيپيئر جي گهڻي مدد ڪئي. سنڌ جي فتح کان (1843ع) پوءِ انگريزن آغا شاھہ حسن علي کي ’هز هائينس‘ جو خطاب ڏنو. آغا خان اول 1843ع ۾ جهرڪن ۾ پنهنجو محلات اڏايو جيڪو اڄ بہ سلامت آهي.
ورهاڱي کان اڳ ’پارپتي آوتسنگهہ ٽي. بي سينيٽوريم‘ بہ هتي موجود هو، جيڪو هينئر مٽيءَ جو ڍير بڻجي چُڪو آهي. انگريزن جي دؤر ۾ هتي هڪ ڪليڪٽر رهندو هو، جنهن هتي هڪ پوسٽ آفيس ٺهرائي، جيڪا هينئر ڊهي چُڪي آهي. اندازو آهي تہ 1848ع ڌاري هيءَ عمارت جڙي راس ٿي هئي، جيڪا هاڻوڪي اسڪول جي ڀرسان هئي. اُن کان سواءِ هتي ڪمشنري جيل، محالڪاري آفيس، ڊاڪ بنگلو، پوسٽ آفيس، پرائمري اسڪول ۽ پوليس ٿاڻو بہ موجود هئا. چارلس نيپئر جهرڪ شھر کي لشڪر جي ڇانوڻيءَ لاءِ بهتر سمجهيو ۽ اُتي بئرڪون بہ ٺهرايائين. شھر جي ڏکڻ طرف ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو هو، جيڪو اڄڪلھہ ڊاڪ بنگلي طور استعمال ٿي رهيو آهي. بنگلي جي ڀرسان عيسائين جو مشنري اسڪول بہ هو. هتي سالن کان شيعا اثنا عشري خواجن جي امام بارگاھہ، مسجد ۽ مدرسو بہ موجود آهي. اهي دراصل اسماعيلي هئا ۽ جهرڪن ۾ آغا خان جي مريدن ۽ ميرن جي سردار جوکئي جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي هئي اُن جنگ ۾ ويسو خواجو، جيڪو آغا خان جي لشڪر جو سردار هو.
مير بٺوري وارو سيٺ محمد جعفر خواجو انهيءَ ويسي خواجي جو پٽ هو. هتي خواجن جون رهائشي جايون، دڪان، پلاٽ، زرعي زمينون ۽ باغ هئا. شھر ۾ امام بارگاھہ جي آڳر ۾ هڪ قبرستان آهي، جنهن ۾ آغا شاھہ حسن علي سان گڏ آيل سندس اُهي مريد دفن ٿيل آهن، جن آغا خان اول ۽ جوکين جي وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ شهادت ماڻي هئي. انهن جو تعداد 72 ڄاڻايل آهي. جهرڪ شھر ڪنهن وقت ۾ درياھہ جي ڪپ تي هڪ سٺو بندرگاھہ هو، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي بندرن جي اهميت وڌڻ ڪري، جهرڪن جو شھر ڦٽڻ لڳو. ڪافي تعداد ۾ واپاري هتان لڏي نئين آباد ٿيل شھر ڪراچيءَ ۾ وڃي آباد ٿيا. هن وقت هي ننڍو شھر اندازاً ڏھہ هزار آبادي رکي ٿو. هتي جهرڪا، گندرا، ملاح، خاصخيلي، خوجا، ميمڻ ۽ ٻيا قبيلا آباد آهن. جهرڪ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن.
پاڪستان جي بانيءَ قائداعظم محمد علي جناح جو جنم بہ جيڻا پونجا جي گهر ۾ هن ئي شھر ۾ 1876ع ۾ ٿيو هو، ان وقت جهرڪ شھر ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. پراڻن درسي ڪتابن موجب قائداعظم پرائمري تعليم جهرڪن ۾ ئي حاصل ڪئي هئي، (وڌيڪ ڏسو: جناح، جلد ٽيون). اڄ ڏينهن تائين جهرڪا ذات جا ماڻهو جهرڪ شھر جي اتر طرف ميل کن پنڌ تي ۽ ڪي درياھہ جي ٻيءَ ڀر ٻن ميلن جي مفاصلي تي رهن ٿا. انگريزن جي اوائلي دور ۾ جهرڪ شھر کي خاص اهميت ملي، هيءُ شھر انهيءَ وقت جهرڪ ڊويزن جي گاديءَ جو هنڌ هو، پر جيئن جيئن هن شھر مان هٿ ڪڍندا ويا، تيئن تيئن شھر جهرڪ کي بہ وساريندا ويا، ڊويزن مان گهٽائي کيس محالڪاري ڪيائون، جنهن جي آفيس هن وقت هاڻوڪي اسپتال جي ڀرسان اتر طرف هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ان بعد هي شھر تپي جي حيثيت ۾، تعلقي ڪوٽڙيءَ سان ملايو ويو. جهرڪ اڄ بہ هڪ تپو آهي. جهرڪ شھر هن وقت تعلقي ٺٽي ۾ آهي. هي شھر سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل 160 فوٽ مٿي ٽڪر تي ٻڌل آهي. شھر جي اڀرندي طرف سنڌو ندي وهي ٿي. شھر جي الهندي طرف ٽڪر ئي ٽڪر آهن، درياءَ جي ٻيءَ ڀر، ٻڌمت جا مشھور آثار ’ٻڌڪا ٽڪر‘ هن شھر جي سامهون آهن. حيدرآباد - ڪراچي واري شاهي سڙڪ بہ هتان ئي گذري ٿي. شھر جي اتر طرف ’کاٽ کپريو‘ موجود آهي، جنهن کي ’کپريو کاهوڙي‘ يا ’کپريو کاٽڙيو‘ بہ سڏيندا هئا، جهرڪ شھر جي ڏکڻ- اولھہ طرف اٽڪل چئن ميلن جي پنڌ تي هڪ ٽڪري ’مجيراءِ‘ يا ’ماجيراءِ‘ جي ماڙي جي نالي سان واقع آهي، انهيءَ ٽڪريءَ بابت چيو وڃي ٿو تہ اتي ڪنهن زماني ۾ ماجيراءِ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جتي سندس ڪوٽ بہ اڏيل هو. اُن ڪوٽ جي آثارن کي هن وقت ڪافر ڪوٽ سڏيندا آهن. ٽڪريءَ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف سندس دامن ۾ ’ويران‘ نالي ٻيلو بہ آهي. الهندي طرف ٽڪر ئي ٽڪر آهن.
ڏکڻ- اوڀر طرف وري هڪ ننڍي ڍنڍ آهي، جنهن کي ’ماجيراءِ واري ڪوري‘ چوندا آهن. ڪافر ڪوٽ واري جبل جي ڪَرَ ۾ پير لاکي لطف ﷲ جي درگاھہ موجود آهي. هي بزرگ، مخدوم نوح بزرگ جو پوٽو هو. هتي هڪ وڏو قبرستان آهي جنهن جي ڏکڻ واري ڇيڙي تي شيخ گهرئي جو روضو آهي. هن قبرستان کي پليجن جو قبرستان جو قبرستان چوندا آهن. هن قبرستان ۾ حمل پليجي جو قبو بہ موجود آهي، جيڪو صوفي شاھہ عنايت جي شهدادت ۾، ٺٽي جي نواب جو مددگار چون ٿا. جهرڪ شھر جي
ڏکڻ-اولھہ طرف ميل کن فاصلي تي ’ميران پير‘ جو قبو آهي. جهرڪ آڳاٽي دؤر ۾ دريائي بندر هو جتان وڻج واپار ۽ مسافري ٻيڙين ۽ اٺن ذريعي ٿيندي هئي، هن شھر کي ويجهي ۾ ويجهي اسٽيشن ’ميٽنگ‘ آهي. شھر جي اتر-اولھہ طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي ’ڪوٽڙي بئراج‘ جو هڪ واھہ لنگهي ٿو. جنهن کي ڪلري- بگهاڙ فيڊر چوندا آهن.