جهمون ڇڳاڻي

جهمون ڇڳاڻي: سنڌ ۽ هند جي مشھور ڪهاڻيڪار، نقاد، محقق ۽ ڪالم نگار جهمون رامچند ڇڳاڻيءَ 5 سيپٽمبر 1940ع تي حيدرآباد جي پشوري پاڙي ۾ جنم ورتو. بي. ايڊ (لئنگئيجز)، ايم. اي (انگريزي ادب) ۽ شارد (سنسڪرت) جون ڊگريون ورتائين. ڀوپال جي ريجنل انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي ملازمت مان رٽائر ٿيو آهي. سندس تصنيفون هن ريت آهن: (1) مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي (تحقيق: جلد پهريون: 1991ع)، (2) مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي (تحقيق: جلد ٻيو: 1996ع)، (3) هڪ ٻيو ورهاڱو (ڪهاڻيون: 1977ع)، (4) ڏات ڌڻي (ڏهن اديبن جا سوانحي خاڪا: 2002ع). جهمون ڇڳاڻيءَ کي ڪيترا اوارڊ بہ مليا آهن، جن ۾: (1) سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، ڀارت سرڪار پاران 1993ع ۾ ’مهامتي پراڻناٿ جي سنڌي واڻي- اوارڊ‘ (جلد-1)، (2) دهلي سنڌي اڪيڊميءَ پاران ’ادبي اوارڊ‘ 1998ع، (3) مڌيه پرديش سنڌي ساهتيہ اڪيڊميءَ پاران ڀوپال ۾ اوارڊ 2001ع وغيرہ شامل آهن. جهمون ڇڳاڻيءَ، ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو 2004ع ۾ سنڌ آيو ۽ حيدرآباد، پشوري پاڙي ۾ پنهنجو گهر ڳولي لڌائين، ان جو تذڪرو هن پنھنجي مختصر سفرنامي ۾ ڪيو. نوٽ : جهمون ڇڳاڻي 27 آگسٽ 2016ع ۾ ديهانت ڪيو.


لفظ جهمون ڇڳاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.09.05  عيسوي

سنڌ ۽ هند جي مشهور ڪهاڻيڪار، نقاد، محقق ۽ ڪالم نگار جهمون رامچند ڇڳاڻيءَ 5 سيپٽمبر 1940ع تي حيدرآباد جي پشوري پاڙي ۾ جنم


2016.08.27  عيسوي

جهمون ڇڳاڻي 27 آگسٽ 2016ع ۾ ديهانت ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي عابد حسين
ڪامل خان حاجي
شفيع محمد نظاماڻي
دراني آغا الھڏنو
ستيه پال
ڄام محمد عرف انڙ
جارج شرٽ
ضميرالدين احمد
جئرام داس دولترام
انور بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون