
جهمپير (شهر)
جهمپير: ضلعي ٺٽي جو اهم شهر، جيڪو عربن جي سنڌ تي ڪاھہ وقت بہ آباد هو ۽ محمد بن قاسم جي لشڪر هتي حملو ڪيو هو. اصل ۾ هيءَ بستي ”جهم“ جي قديم تاريخي نالي سان آباد هئي، جنهن ۾ پوءِ اسماعيلي خواجن جو داعي امير پير دفن ٿيو، جنهنڪري ”جهم پير“ طور شھر جو نالو مشھور ٿيو. هن شھر ۾ امير پير جو قبو هڪ ٽڪريءَ تي آهي. امير پير جي قبر جبل جي هڪ غار ۾ آهي، جنهن تي هر سال ميلو بہ لڳندو آهي، جهمپير ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ ويندڙ ريلوي لائين تي اسٽيشن آهي. هن جي ويجهو گرم پاڻيءَ جو چشمو ۽ ڪوئلي جي کاڻ بہ موجود آهي. خيال آهي تہ هيءَ قديم بستي هئي. شايد ٺٽي کان نيرون ڪوٽ ڏانهن ويندڙ شاهراھہ تي هئي، جتي قافلا منزل ڪندا هئا. هتي کجيءَ جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا، جيڪي لاڳيتن سوڪهڙن ۽ برساتن نہ پوڻ ڪري اڪثر ختم ٿي ويا آهن. هتي کجيءَ جي وڻن مان اڇو رس ڪڍندا آهن، جيڪو کٽو ۽ نشيدار هوندو آهي، جنهن کي ’تاڙي‘ چوندا آهن. ان تاڙيءَ جو ذڪر شيخ اياز پنھنجي نثر ۾ ڪيو آهي.
جهمپير اسٽيشن وٽ 1373ھہ/ 1954ع ۾ خيبر ميل ريل سان هڪ دردناڪ حادثو ٿيو، جنهن ۾ سوين ماڻهو سڙي مري ويا هئا. جهمپير جو ذڪر ڪيترن ئي شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ آندو آهي، انهن ۾ حسن درس،رسول بخش درس'> رسول بخش درس، حليم باغي، ڪوي خير محمد، وسيم سومرو، سردار شاھہ ۽ ٻيا شامل آهن.