جهم ڪوٽ واري شوَ مندر جي ماڳ تي پوڄاري پوڄا ڪندي
جهم جو شوَ مندر: جهم ڪوٽ/هم ڪوٽ جي اندر اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي مکيه دروازي جي ڀرسان شوَ جو مندر آهي. هن هنڌ تي شوَ ۽ سندس لنگ جي پوڄا جو ذڪر تحفة الڪرام ۽ ٻين تاريخن ۾ ملي ٿو. هي تاريخي مندر صدين کان وٺي اڄ به پوڄا پاٺ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. سنڌ ۾ جيئن ته شوَ جي پوڄا جي شاهدي هڙپا دؤر جي هڪ مهر مان ملي ٿي، جنهن ۾ شوَ ديوتا کي پسو پتي يعني حيوانن جو مالڪ ۽ پالڻهار ڏيکاريو ويو آهي. شوَ ديوتا جي هڪ علامت ڍڳو به آهي، ڍڳو زراعت سان تعلق رکي ٿو. آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ جا ماڻهو بنيادي طرح پوکي ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح شوَ لنگ جي پوڄا آرين کان اڳ سنڌ ۾ موجود هئي. رگ ويد ۾ شوَ ديوتا جو نالو نه ٿو ملي، پر هڪ قبيلي شوَ جو نالو ملي ٿو، جيڪو سنڌو درياهه جي آسپاس رهندو هو. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته شوَ جي پوڄا ننڍي کنڊ ۾ سنڌو درياهه جي آسپاس ٿيندي هئي. شوَ پرستي ساڍن ٽن چئن هزار سالن کان سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيبي علائقن ۾ رهي هئي“. شوَ پرستن وٽ هيءُ خوفناڪ ديوتا سموري مخلوق جو مالڪ، بدڪردارن کي ناس ڪندڙ، بغض، نفرت، شيطانيت ۽ بيمارين جو خاتمو ڪندڙ آهي. هن کان شفايابي جون دعائون گهريون وينديون هيون. هونئن به اڪيلي شوَ جي پوڄا تمام گهٽ ڪئي ويندي آهي. عام طرح ان جي پوڄا لنگ (لنگم) جي شڪل ۾ ۽ ان جي زال پارپتيءَ جي پرستش ’يوني‘ جي شڪل ۾ ٿيندي آهي، جيڪا سوين سالن کان اڄ به ”جهم ڪوٽ“ اندر قائم مندر ۾ جاري آهي. جهم ڪوٽ جو هي مندر هتان جي مقامي ڳاڙهي پٿر جو جڙيل آهي، جنهن جي طرز تعمير ننگرپارڪر ڀرسان جين مندرن جي اڏاوت سان مشابهت رکي ٿي. موجوده وقت ۾ مندر مٿان سيمينٽ جي پلستر ۽ رنگ جي ڪري ان جو اصلي رنگ ۽ هيئت ختم ٿي وئي آهي. مندر اندران بلڪل ننڍڙو مهراج جي مورتي شوَ لنگ سان گڏ گڻيش مهراج جي سر ڪٽيل 9 انچ ڊگهي مورتي رکيل هئي. گڻيش جي اها مورتي هتان کوٽائي ڪندي هٿ آئي هئي. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن پوڄاريءَ اها مورتي بعد ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻيءَ حوالي ڪري ڇڏي. هن علائقي ۾ گڻيش جي مورتيءَ جي موجودگيءَ مان لڳي ٿو ته هتي گڻپتي به رهندا هئا، جو هتي هڪ علائقي کي ’گڻيش پٽ‘ يا ٽڪري سڏبو وڃي ٿو.
شوَ جو هي مندر ۽ اوائلي زماني ۾ درياهه جي ڪپ تي هو، پر اڄ به ڪينجهر جون ٿڌون ٿانهريون ڇوليون مندر جي ڏاڪڻ کي پسائين ٿيون، جيتوڻيڪ موجوده وقت به مندر پاڻيءَ جي سطح کان پنجاهه فوٽ مٿي آهي. مندر جي سامهون اوڀر طرف ڪينجهر جي ڪناري تي مرد ۽ عورت، زيارتين لاءِ غسل خانا جوڙيل آهن، جيڪي ڪافي پوءِ جا لڳن ٿا. البت انهن پراڻن غسل خانن ۾ لڳل ڪاشيءَ جون سرون اڄ به جاذب نظر آهن.