جهول (شهر)

جهول (شهر)

جهول (شھر)

جهول (شھر): جهول، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جو هڪ مشھور شھر ۽ ريلوي اسٽيشن آهي. هن شھر جي جاگرافيائي بيهڪ هن ريت آهي: جهول جي اولھہ ۾ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڀپور جو تاريخي ماڳ، اتر ۾ ڳجهيرڻ ۽ سارڪي ڪنڊي ديهون آهن. اتر اوڀر ڪنڊ تي گهنڊڻ جو شھر آهي. اوڀر طرف حر تحريڪ جي حوالي سان برصغير جو مشھور تاريخي ماڳ ’گڙنگ بنگلو‘ واقع آهي. جهول جي ڏکڻ ۾ ديھہ ڪوٽ بجر آهي، جتي سنڌ جي تاريخ جا ٻہ اهم يادگار بجرڪوٽ جو ڪچو قلعو ۽ ڏيپري گهانگهري جو ٺل موجود آهن. جهول جي اولھہ ڏکڻ ڪنڊ تي برهمڻ ۽ عرب دور جي شهرن برهمڻ آباد ۽ منصوره جا آثار موجود آهن.
جهول شھر جي وچ ۾ مشھور بزرگ حاجي قادر بخش ڪنڊي فقير ڀنڀري جي درگاھہ آهي. اتر طرف جُمن جَتي ۽ سيد راڄن شاھہ جون مزارون آهن. اوڀر طرف سيد نانگي شاھہ جو قبرستان ۽ مزار آهي. جهول شھر ۾ 1912ع ڌاري شروع ڪيل راجا واري ريلوي لائين، ميرپورخاص کان نوابشاھہ تائين ۽ اتان کان خيرپور رياست تائين وڇائي وئي هئي ۽ هتي اسٽيشن قائم ٿي هئي. 1952ع کان جهول ۾ ٽپال گهر، تار گهر، تپيدارن جو ديرو ۽ ڍڪ جون سهولتون هيون، جيڪي اڄ نہ رهيون آهن. جهول شھر ۾ سنڌ جي پهرين ڪاٽن فيڪٽري 1932ع ڌاري قائم ٿي. ان کانسواءِ ٻين فيڪٽرين ۾ ڪوهسار ڪاٽن فيڪٽري، ماڊرن فلور مل، حسن ڪاٽن فيڪٽري وغيرہ شامل آهن. هتي گورنمينٽ گرلز، بوائز هاءِ اسڪول، اردو سنڌي پرائمري اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر جون سهولتون موجود آهن. هن شھر ۾ مير بخش ٽالپر لائبرري بہ قائم آهي، جيڪا سنڌي ادبي سنگت جهول جي ملڪيت آهي. ويجهڙائيءَ ۾ جهول شھر کي گيس ۽ جديد ڊجيٽل ٽيليفون ايڪسچينج جي سهولت بہ ميسر ڪئي وئي آهي. سنڌ جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن: اُستاد الھورايو ’اُداسي‘ بهڻ، معصوم سانگهڙائي (مرحوم)، بخشڻ مهراڻوي، فقير صابر، نور چاڪراڻي، محمد مبين وساڻ ۽ عامر وساڻ جو تعلق بہ جهول سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو