جھومر

جھومر

جهومر

جهومر: هيءُ عورتن مٿي جو زيور آهي، جيڪو وزن ۾ ڳرو ٿيندو آهي. جهومر کي ’مرزو‘ بہ چوندا آهن. هن وزندار ڇل ۾ ’هُڪُ‘ بہ ٿئي ٿو. پنڙيون، تلڪيون ۽ لٽڪڻا بہ ٿين. بناوت جي لحاظ کان چئن حصن ۾ ورهايل ٿيـنـدو آهـي: (1) هُڪ وارو ڀاڱــو، (2) وچ واري پتـري، (3) هيٺاهيـن پتري، (4) لٽڪڻو. عورتون جهومر مٿي جي ساڄي پاسي کان ڀِرون تائين پائينديون آهن، جنهن پاسي نٿ هوندي آهي، انهيءَ پاسي جهومر نہ پائبي آهي. سنڌ ۾ جهومر جو استعمال عام آهي. زميندار بہ جهومر گهڙائيندا آهن. جهومر اڪثر شاديءَ ۾ پائبو آهي. پر شاديءَ کان اڳ نہ پائبو آهي. جهومر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج تولا سون گهربل هوندو آهي. جهومر تي ميناڪاري ۽ مڻين جي جڙت بہ ٿيندي آهي.


لفظ جهومرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو