جهونا ڳڙهه شهر

جهونا ڳڙهه شهر

جهونا ڳڙھہ:

جهونا ڳڙھہ: جهونا ڳڙھہ تاريخي شھر آهي جيڪو ڀارت جي رياست گجرات جي جهوناڳڙھہ ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي، هي شھر 210 31′ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 700 28′ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، گرنار جبل جي دامن ۾ گانڌي نگر جي اتر اولھہ طرف 355 ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. هن شھر کي اڳ ۾ ’سورٺ‘ سڏيندا هئا. ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ واري قصي جي بہ جهونا ڳڙھہ سان نسبت آهي، راءِ ڏياچ اتان جو حڪمران هو. جنهن کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرحه پنھنجي شاعريءَ ۾ خوب ڳايو آهي. جهوناڳڙھہ جي لفظي معنيٰ آهي ”پراڻو قلعو“. جهونا ڳڙ جو ذڪر شاھہ لطيف هيٺين ريت ڪيو آهي:
مَحَلين آيو مَڱڻو، سازُ کَڻي سُرَندو
سِرَ جِي صَدا سُرَ ۾، گهورَ هَڻِي گهُرَندو
مَٿي رءَ مَلُوڪَ جي چارَڻُ نَه چُرَندو
جُهونا ڳڙَھہُ جُهرَندو، پوندِي جھانءِ جَهروڪَ ۾.
(بلوچ ڊاڪٽر، شاھہ جو رسالو ’سڄو سربستو صحيح رسالو‘
سُر سورٺ، داستان ٻيو، بيت نمبر 01، صفحو نمبر 405.)
شھر جي وچ ۾ اڄ بہ اهو وڏو قلعو ٺهيل آهي، جنهن لاءِ تاريخن ۾ اچي ٿو تہ موريا گهراڻي جي شهنشاھہ 319 ق. م ۾ ٺهرايو هو، جيڪو ڇهين صدي عيسويءَ تائين ڪتب ايندو رهيو. 300 سال پوءِ 976 عيسوي ساڳئي هنڌ تي ٻيهر قلعو جوڙيو ويو. 800 سالن جي عرصي ۾ اهو قلعو 16 ڀيرا ڊٺو ۽ ٺهيو. انهيءَ ڪوٽ ۾ اشوڪا جي فرمانن جا ٻہ ٿنڀا بہ کتل آهن، جيڪي برهمي لپيءَ ۾ پالي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن ۽ 250 ق. م جا چيا وڃن ٿا. ساڳي گرنار جي ٽڪريءَ تي 150 صديءَ عيسويءَ جون ڪجهہ ٻيون لکتون بہ ملن ٿيون، جيڪي سٿين جي دور جون چيون وڃن ٿيون. گپتا شهنشاهيت جي آخري فرمانروا اسڪندا گپتا جي دور جون لکتون، جيڪي 450 عيسويءَ جون آهن، اهي بہ گرنار جي هڪ ٽڪريءَ تي اڪريل آهن. ٻُڌن جا غار جيڪي 500 ق. م جا آهن ۽ انهن تي گل ٻوٽا اُڪريل آهن، سي بہ هتي موجود آهن. هن خطي تي ميتراڪا قبيلي وارن 475ع کان 767ع تائين حڪومت ڪئي. شهنشاهيت جو بنياد رکندڙ ڀاتاراڪا اصل ۾ گپتا شهنشاهيت طرفان هتي گورنر مقرر ٿيل هو، جنهن بعد ۾ بغاوت ڪري گجرات ۾ پنھنجي راج شاهي ۽ آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو. سندس حڪومت 524 عيسويءَ ۾ ختم ٿي وئي. ان کان 11هين کان 12هين عيسوي صديءَ تائين سولنڪين جي چوسيلا راج شاهيءَ جي تاريخ ملي ٿي، جيڪا 12 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ ختم ٿي وئي. 1299ع ۾ گجرات کي مسلمانن فتح ڪيو تہ جهوناڳڙھہ بہ سندن قبضي ۾ اچي ويو. گجرات ۾ مسلمانن جي باقاعدي حڪومت 1407ع ۾ محمود بيگڙي جي ڪاهن سان ٿي. جنهن جهوناڳڙھہ کي 1467ع ۾ فتح ڪيو. ان دور ۾ قلعي جي مرمت جو ڪم ٿيو. محمد بھادر خانجي پهرين، احمد جي سلطان سان گڏ جهوناڳڙھہ تي قبضو ڪيو، جيڪو مغلن طرفان 1758- 1735ع تائين جهوناڳڙھہ جو گورنر رهيو. ان کان پوءِ مغلن طرفان هيٺيان گورنر مقرر ڪيا ويا: (1) محمد مهابت خانجي (I 1375ع- 1758ع)؛ (2) محمد حميد خان جي پهريون (1811- 1775ع)؛ محمد بھادر خان جي ٻيو(1840- 1811ع)؛ محمد حميد خان جي ٻيو (1851- 1840ع)؛ محـمـد مهـابت خـان جـي ٻيــو (1882- 1851ع)؛ محمد رسول خانجي (1911- 1892ع) ۽ محمد مهابت خان جي ٽيون (1948- 1911ع).
جيئن تہ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هندستان تي پنهنجو مڪمل قبضو 1818ع ۾ قائم ڪري ورتو هو. پر سوراشٽر ڪڏهن بہ ان جي هٿ هيٺ نہ آيو، ان ڪري انگريزن سوراشٽر کي 100 کن رياستن ۾ ورهائي راجائن ۽ مھا راجائن جي حوالي ڪيو، جن جو وجود 1947ع تائين قائم رهيو. نواب مهابت خانجي ٽئين، 15 سيپٽمبر 1947ع تي پنھنجي رياست جو الحاق پاڪستان سان ڪيو. جڏهن تہ پاڪستان جي ڪا بہ سرحد جهوناڳڙھہ سان ملندڙ نہ هئي، پر هن جو چوڻ هو تہ جهوناڳڙھہ سمنڊ رستي پاڪستان سان مليل آهي، پر ٻين راجائن منگرول ۽ بيبير واد سندس مخالفت ڪري جهـوناڳـڙھہ کـي هـندسـتان سـان مـلائـي ڇـڏيـو. مهـابـت خـانجـي ڪـراچـي هـليـو آيـو ۽ 1960ع ۾ وفـات ڪـيائين. شهيـد ذوالفقـار علي ڀُٽي جو والد سر شاهنواز ڀُٽو پڻ جهوناڳڙھہ جو ديوان رهيو.
جهونا ڳڙھہ شھر جي آدمشماري 2011ع ۾ ٽي لک ويھہ هزار آهي. هتي جي تعليم جي شرح% 75 سيڪڙو کان مٿي آهي ۽ هتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن هتي جي خاص ۽ ڏسڻ جوڳين جاين ۾ سومناٿ مندر، گرنار جبل، اشوڪ شيلا ليک، شڪر باغ چڙيا گهر، جهنگلي جانور جو عجائب گهر، دربار حال ميوزم، گائتري مندر، ڏاتار جبار، سائنس ميوزم، موتي باج، نرسنگ مهتا ڍنڍ، موج ڪنڊ جون غارون ۽ اپر ڪوٽ وغيرہ آهن. اپر ڪوٽ نالي هڪ قلعو بہ ڏسڻ جهڙين جاين مان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو