جهونجهار شورو

جهونجهار شورو : سنڌ مان ڌارين مغل حاڪمن کي ڪڍڻ لاءِ مزاحمتي ويڙھہ وڙهندڙ جهونجهار شورو، اسماعيل شوري جو پٽ هو. اسماعيل شورو، سنڌ جي بقا لاءِ مغلن سان وڙهندي شھيد ٿي ويو هو. جهونجهار شوري آزاديءَ جي جهنڊي کي بلند رکيو. هن پنھنجي ٽڙيل پکڙيل ساٿين کي گڏ ڪري مغلن سان ويڙھہ جو سلسلو جاري رکيو، پنھنجي پيءُ وانگر آڻ نہ مڃڻ، دشمن جي اڳيان هٿيار ڦٽا نہ ڪرڻ، پنھنجي مادر وطن جي آزاديءَ واري حق تان هٿ نہ کڻڻ ۽ مغل شاهيءَ جا سنڌ مان تڏا پٽڻ سندس زندگيءَ جو مقصد رهيو. هن دلير انسان کي نہ مغل فوج جي طاقت جو ڊپ هو ۽ نہ وري سنڌين جا باهمي اختلاف هن جي حوصلي کي پست ڪري سگهيا. هو هڪ اهڙو نوجوان هو، جنهن جي ذهن ۾ حوصلو ۽ همت، تازا ۽ توانا هئا. جيتوڻيڪ جهونجهار شوري جي ڪارنامن کي تاريخ ۾ بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي صرف آخري معرڪي جو ذڪر آهي، جنهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو. ان واقعي متعلق مظهر شاهجهانيءَ لکيو آهي ته، جڏهن 1028ھہ /1619ع ۾ سيد بايزيد، ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو، تڏهن هن سان گڏ سندس ٻہ پٽ بہ هئا، جيڪي ڏاڍا چالاڪ هئا. جھانگير بادشاھہ هنن کي حڪم ڏنو تہ اهي جابلو ماڻهن جي ڪن مھٽ ڪن. (هن ننڍي کنڊ جي بادشاھہ طرفان بذات خود حڪم ثابت ٿو ڪري تہ چاڪر هالا پرڳڻي جي عوام جي جدوجھد دهليءَ جي ديوارن کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو هو). جھانگير جي حڪم جي بجاآوري ڪندي سيد بايزيد جا پٽ، مغل سپاهين جي لوڌ وٺي شورن ۽ دلن تي ڪاهي آيا، جيڪي جبل جي پاسي ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا. مغل فوج جي وڏي لشڪر سنڌي ماڻهن جو گهيرو ڪيو. سنڌين بہ سندرا سھائي مغلن جو مقابلو ڪيو، ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿيا، نيٺ صلح جي بهاني دغا سان جهونجهار شوري کي گرفتار ڪيو ويو. جهونجهار جي گرفتاريءَ کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ۽ گرفتار ڪري مال ملڪيت لٽي ڳوٺن کي باهيون ڏنيون ويون. جهونجهار شوري اهڙي دغا سان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ بيوسي جي حالت ۾ بہ مغلن جو فرمانبدار ٿي ويهي رهڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي طور کيس ٺٽي جي جيل ۾ وجهي، اذيتون ڏنيون ويون. تشدد جا سمورا وحشياڻا طريقا استعمال ڪرڻ سان گڏ هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هن سورهيه مصيبتن تي ٽھڪ ڏنا ۽ لالچن کي انتهائي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ عذاب سهندي ٺٽي جي جيل ۾ شھيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو