شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو پراڻو ڏيک

شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو پراڻو ڏيک

شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو نئون ڏيک

شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو نئون ڏيک

جهوڪ شريف (ماڳ)

جهوڪ شريف (ماڳ): جهوڪ شريف تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ '', 52°73'24°44 اتر ڊگهائي ڦاڪ ''67°55', 26 33 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن وستي جو مان مرتبو سنڌ جي عظيم صوفي شاھہ عنايت شھيد جي ڪري مٿانهون آهي. جهوڪ شريف، ميرپور بٺوري کان ساڍا ٽي ڪوھہ پري، مولچند واھہ جي ڪپ تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو اصل نالو ميرانپور هو، پر صوفي شاھہ عنايت جي تحريڪ دوران وٽس هزارين مريد ايندا هئا، ان ڪري آئي وئي جي اٺن ۽ وهٽن جي جهوڪ بہ اتي ٿيندي هئي، تنهنڪري ڳوٺ تي نالو ’جهوڪ‘ پئجي ويو. سنڌ ۾ شاھہ عنايت شھيد تصوف جو وڏو داعي ۽ برگزيدو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس درگاھہ تي شاھہ لطيف بہ پير گهمايا هئا. سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن دلپت صوفي ۽ بيدل فقير بہ هتي حاضري ڀري هئي. تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ’صوفي فقير‘ جو مشھور صوفي شاعر صادق فقير سومرو بہ هن درگاھہ جو پوئلڳ هو. اڄ بہ جهوڪ شريف جي درگاھہ تي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جا هزارين عقيدتمند هر سال صوفي شاھہ عنايت جي ميلي تي زيارت لاءِ ايندا آهن. جهوڪ شريف جي درگاھہ فنِ تعمير جو شاهڪار آهي. ابتدا ۾ هيءَ سادي طرز جي درگاھہ هئي. هن درگاھہ جو اڱڻ نهايت ڪشادو آهي ۽ ڀر ۾ مسجد اٿس. جهوڪ شريف ۾ شاھہ عنايت جي درگاھہ کان ڪجهہ مفاصلي تي بلڙيءَ ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ موجود آهي. جهوڪ ۾ شاھہ عنايت شھيد جي عرس تي ساليانو سماع پڻ ٿيندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻي ڪلام جون محفلون مچنديون آهن ۽ ڌار ڌار ٻارين ۾ سماع ٿيندو آهي. هن درگاھہ تي اڪثر فنڪار صوفي صادق فقير جو ڪلام ڳائيندا آهن، جڏهن تہ شاھہ لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام پڻ ڳايو ويندو آهي. جهوڪ شريف هن وقت هڪ ننڍي شھر جو ڏيک ڏئي ٿو. هتي هڪ ننڍي بازار بہ آهي تہ ٽرانسپورٽ ۽ اسڪولن جون سهولتون بہ موجود آهن. روڊ جي سامهون جهوڪ شگر مِل آهي. (وڌيڪ ڏسندا: شاھہ عنايت شھيد).


هن صفحي کي شيئر ڪريو