
جهيرڻو
جهيرڻو: جهيرڻو ڏُڌ ولوڙڻ جي ڪم ايندو آهي. مالوند ماڻهو ٽن کان چئن فوٽن جي ٻائوري، ڪِرڙ يا اَڪ جي سڌي ڪاٺي آڻي، ان کي باھہ تي سيڪي، ان جا ڇوڏا لاهي، چاڪوءَ يا ڪنهن ٻئي تيز ڌار واري اوزار سان هڪ ڇيڙي کي چيري پنج کان ڏھہ ڦَنگون ٺاهيندا آهن. ڪاٺيءَ جي سنهي ڇيت ڪڍي ڦنگن جي وچ ۾ گولائيءَ سان ڇلي وانگر ٻڌي، ڦنگن کي هڪ ٻئي کان ٻہ ٻہ انچ پري بيهاريندا آهن. ان کانپوءِ ڪجهہ ڏينهن اس ۾ رکي ڇڏيندا آهن تہ جيئن ڪاٺيءَ مان پنھنجي اصل خوشبوءَ ختم ٿي وڃي. ان نموني جهيرڻو تيار ٿي ويندو آهي. هيءُ عام مانڌاڻيءَ کان ننڍو ٿيندو آهي، جڏهن تہ موجودہ وقت ۾ پلاسٽڪ جا جهيرڻا بہ استعمال ٿين ٿا. ٻهراڙين ۾ مالوند ماڻهو سٺا ٺاهيل جهيرڻا هڪ ٻئي کي تحفي طور بہ ڏيندا آهن.