جهيرڻو (مانڌاڻو گاھہ)

جهيرڻو (مانڌاڻو گاھہ): هيءُ ٿر جو مشھور گاھہ آهي، جنهن جو شاھہ سائينءَ بہ پنھنجي بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي. جهيرڻو گاھہ وڏو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ سنگ ٿيندا آهن، جيڪي جهيرڻي يا مانڌاڻيءَ جھڙا هوندا آهن. ان ڪري هن کي جهيرڻو گاھہ چيو ويندو آهي. هي گاھہ ٿر ۾ مال لاءِ سٺو چارو آهي. اهو گاھہ ڀٽن، پاساڙن ۽ زرخيز زمين ۾ ٿيندو آهي. سڪڻ کانپوءِ بہ سڄو سيارو مال لاءِ چارو مهيا ڪندو آهي. هيءُ گاھہ ڏٿ ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو