جهڏير جو دڙو

جهڏير جو دڙو: هڙپا تھذيب سان لاڳاپيل هي ماڳ، جنهن کي آر. ايل ريڪس ڳولي لڌو، اهو سکر- سبي روڊ کان هڪ ميل کن اولھہ ۾ هڪ دڙن جو ميڙ آهي، جيڪو مجموعي طور 500 وال ڊيگهہ ۾ پکڙيل آهي. هيءُ ماڳ جيڪب آباد کان اٽڪل 28 ڪلو ميٽر اتر- اولھہ ۾ واقع آهي. هن دڙي تي هر طرف ٺڪراٺو پکڙيو پيو آهي، جيڪو سنڌو تھذيب سان واسطو رکي ٿو. پر سر مورٽيمر ويلر جي خيال ۾ ڪي وٿون ان کان بہ اڳ جون يا ’اوائلي هڙپا‘ تھذيب سان لاڳاپيل ٿي سگهن ٿيون. ماڳ جي بيهڪ 28° 28′ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 15′ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. جهٽ پٽ ۽ ٽيمپل ديرو ان جون ڀر واريون ريلوي گوديون آهن. هتان مٿاڇري تان ساواڻ مائل تيز پڪل ٿانوَ، سانچا، ٽڪنڊيون ٽِڪيون، ٺڪر جا چوڙا، جانورن جون مورتيون، سپون، چقمقي پٿر جا اوزار وغيرہ مليا آهن. هن ماڳ جي کوٽائي اڃا نہ ٿي آهي.


لفظ جهڏير جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو