جوئر

جوئر

جوئر

جوئر (Sorghum): جوئر، خريف جي موسم جو ۽ جانورن جي چاري جو فصل آهي. جوئر جو اصل وطن آفريڪا چيو وڃي ٿو. مصر ۾ ان جي پوکي 2200 ق. م ۾ ٿي. سنڌ ۽ ڀارت ۾ جوئر جي پوک پهرين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿي. موجودہ وقت ۾ جوئر خريف جو اهم فصل آهي. آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ جوئر چاري يا گاھہ طور پوکي وڃي ٿي ۽ جوئر جو اَنُ انساني کاڌي، ڪڪڙين ۽ چوپائي مال جي چاري طور ڪم اچي ٿو. جوئر جي گاڏڙ جنس متعارف ٿيڻ بعد هيءُ فصل چاري لاءِ پوکيو وڃي ٿو. جوئر جي پوکيءَ جي سنڌ ۾ اهميت ان ڪري آهي، جو هيءُ فصل هر قسم جي زمين ۽ آبهوا ۾ ڪاميابيءَ سان ٿئي ٿو. هي فصل نہ رڳو ٻين خوراڪي فصلن کي مدد ڪري ٿو، پر غريبن جي خاص غذا ۽ جانورن جو چارو آهي. سنڌ ۾ جوئر ڪوهستان جو مکيہ فصل بہ آهي، جتي برسات جي مند ۾ پوکجي ٿو، جڏهن تہ آبپاشيءَ وارن علائقن جھڙوڪ: حيدرآباد، نواب شاھہ ۽ نوشهري فيروز وغيرہ ۾ وڏيءَ ايراضيءَ تي ٿئي ٿو.
جــوئـر جي پوک پوري دنيا جي اناج وارن فصلن جھڙوڪ: ڪڻڪ، چانورن ۽ مڪئي کان چوٿين درجي تي آهي. جوئر انتهائي خشڪ ۽ نيم خشڪ حالت ۾ پوکـي وڃـي ٿـي ۽ انهـن عـلائـقــن جــو مکيہ اناج وارو فصل آهي. هيءُ فصل انهن حالتن ۾ پوکيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ شرط آهي تہ علائقي ۾ اونهارو ڊگهو ۽ گرم هجي. سنڌ ۾ اناج لاءِ جوئر جي پوک نوشهري فيروز ۽ نواب شاھہ ضلعن ۾ تمام گهڻي پوکي وڃي ٿي. جوئر جي ڦوٽهڙي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 7 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ گرميءَ جو درجو گهربل هوندو آهي. فصل جي عام واڌ لاءِ 15 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن تہ فصل جي صحيح واڌ لاءِ مقرر گرمي درجو 27-30 ڊگري سينٽي گريڊ هئڻ گهرجي. هن فصل ۾ اها خاصيت آهي تہ گهٽ زمين جي وَٽَ يا آلاڻ ۽ وڌيڪ گرمي درجي مطابق سٺي پيداوار ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙيءَ طرح جوئر ۾ خشڪي برداشت ڪرڻ جو سرشتو بہ ان جي وڌيل پاڙن جي سرشتي تي مدار رکي ٿو. زمين: جوئر جو فصل زرخيز ۽ ڳري لٽاسي زمين ۾ تمام سٺو لڳي ٿو، پر ان ۾ گهٽ زرخيز زمين تي بهتر پيداوار ڏيڻ جي صلاحيت پڻ آهي. جوئر هر قسم جي زمين ۾ ڪاميابيءَ سان پوکي سگهجي ٿي، جھڙوڪ: ڳري چيڪي، وچولي لٽاسي، ڪلراٺي ۽ نامياتي مادي واري زمين وغيرہ. زمين جي تياري: سنڌ جي باراني علائقي ۾ جوئر جي محدود پوک ڪئي وڃي ٿي، جڏهن تہ آبپاشيءَ وارن علائقن ۾ جوئر گهڻي ايراضيءَ تي پوکجي ٿي. هن فصل مان بهتر نتيجن وٺڻ واسطي زمين جي مڪمل تياريءَ جو هئڻ ضروري آهي. جوئر جي پوکيءَ لاءِ 3 کان 4 خشڪ هر ڏيڻ گهرجن، جنهن تي بعد ۾ سانهر گهمائي ڀتر ڀڃي، زمين کي هموار ڪيو وڃي ۽ بعد ۾ 24 کان 28 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج پوکڻ گهرجي.
پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: اناج لاءِ جوئر جي پوک 15 جون کان جولاءِ جي آخري هفتي تائين پوکجي، جڏهن تہ چاري لاءِ جوئر جي پوکي 15 فيبروري کان شروع ڪجي ۽ جولاءِ تائين پوکجي. جوئر جو اناج وارو فصل ناڙي رستي پوکجي، جڏهن تہ گاھہ يا چاري لاءِ پوکڻ واري جوئر ڇٽ ذريعي پوکجي ٿي. اهڙيءَ طرح اناج لاءِ جوئر جي ناڙيءَ واري پوک بهتر نتيجا ڏئي ٿي. فصل جي قطارن جو مفاصلو ٻہ فوٽ سفارش ڪيو وڃي ٿو، پر ٻوٽن جي وچ ۾ 3 کان 4 انچ مفاصلو بهتر پيداوار جو ضامن هوندو آهي.
جنسون: جوئر سنڌ جو اهم اناج وارو فصل آهي. هن فصل ۾ ٻن قسمن جون جنسون آهن، جن ۾ مقامي ڊگهي قد واريون جنسون ۽ ننڍي قد واريون ٻاهريون جنسون شامل آهن. فصل جون مقامي سطح تي جنسون علائقي جي مناسبت سان هيٺ ڏجن ٿيون.(الف) تجويز ڪيل مقامي جنسون (Local Varieties): نوابشاھہ ۽ سکر لاءِ سرو، ڪارتُهو؛ جيڪب آباد لاءِ ڳاڙهي، جانپر ۽ الک؛ لاڙڪاڻي، سکر ۽ خيرپور لاءِ ڏيپر؛ جيڪب آباد، ٺٽي ۽ حيدرآباد لاءِ اڇو بازيگر؛ دادوءَ لاءِ اڇو ڪوڏري؛ سکر لاءِ اڇو ڪارتُهو وغيرہ. جڏهن تہ سفارش ڪيل جوئر جي نين جنسن ۾ هيٺيون جنسون خاص آهن، جن لاءِ صرف پنجاب جو ساهيوال علائقو موزون آهي: پاڪ SS-II، IC-1039 ۽ A-4009.(ب) ننڍي قد واريون جنسون (Dwarf Varieties): جوئر جي فصل جون نيون سفارش ڪيل جنسون، جيڪي اناج لاءِ پوکيون وڃن ٿيون، انهن ۾ ننڍي قد واريون جنسون اچن ٿيون، جيڪي پڻ وڌيڪ پيداوار ڏين ٿيون، جنهن ۾:1. ميلو لينڊ (Meloland) ۽ 2. شاهين جنس شامل آهن.(ت) سائي گاھہ واريون جنسون (Green Fodder Varieties):
نوابشاھہ لاءِ اڇو ڪارتُهو؛ حيدرآباد لاءِ ڪمندري؛ نوابشاھہ لاءِ اڇي تُري ۽ ڳاڙهي تُري؛ ۽ دادوءَ لاءِ ڳاڙهي تُري وغيرہ. ڀاڻ ڏيڻ: سنڌ ۾ هيءُ فصل اڪثر حالتن ۾ ڪنهن بہ قسم جي زمين ۾ پوکي سگهجي ٿو پر وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ ضروري آهي تہ هيءُ فصل زرخيز زمين تي پوکيو وڃي. جيڪڏهن زمينون زرخيز نہ آهن تہ انهن ۾ گهربل ڪيميائي ڀاڻ يا وٿاڻ جو ڀاڻ ڏنو وڃي. باراني علائقن ۾ سڄو ڌيان بارش جي گهڻائيءَ تي هوندو آهي. جڏهن تہ زمين جي زرخيزي هن فصل جي پوک لاءِ ايتري اهم نہ آهي. جوئر جي پوک لاءِ 15 گاڏيون وٿاڻ جو ڀاڻ زمين ۾ پوکيءَ کان اڳ ڏنو وڃي. جوئر جي ننڍي قد وارين جنسن جھڙوڪ: شاهين ۽ ميلولينڊ لاءِ ڀاڻ نائٽروجن 120 ڪلوگرام ۽ 60 ڪلوگرام فاسفورس في هيڪٽر سفارش ٿيل آهي. مقامي جنسن لاءِ ان سفارش ڪيل ڀاڻ جو اڌ مقدار يعني 60 ڪلوگرام نائٽروجن ۽ 30 ڪلوگرام في هيڪٽر فاسفورس ڏنو وڃي، جڏهن تہ سائي گاھہ لاءِ پوکيل جوئر واسطي ڀاڻ جو مقدار وڌائي ۽ گهٽائي سگهجي ٿو. اڪثر حالتن ۾ سائي گاھہ لاءِ پوکيل جوئر ۾ نائٽروجن ڀاڻ ڏيڻ گهرجي.پاڻي ڏيڻ: جوئر خشڪ فصل آهي، جوئر جي فصل کي پهريون پاڻي 3 کان 4 هفتا پوکيءَ کان بعد ۾ ڏيڻ گهرجي ۽ سلسليوار آبپاشي 15 ڏينهن جي وقفي تي ڪئي وڃي. هن فصل کي ٽن کان چار پاڻي ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي. جوئر جي فصل ۾ اها خوبي آهي تہ ناموافق حالتن ۾ پنھنجي واڌ روڪي ٿو ۽ جڏهن حالتون موافق ٿين ٿيون تہ پنھنجي واڌ جاري رکي ٿو. گُڏ ڪڍڻ: فصل مان گندگاھہ جي صفائيءَ لاءِ ان ۾ گَــڏ ڪرڻ لازمي آهي. جوئر جي فصل کي هڪ ٻہ گڏون ڪڍڻ گهرجن، جنهن لاءِ ڪوڏر استعمال ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح فصل مان گندگاھہ ختم ٿي ويندو ۽ پيداوار ۾ بہ اضافو ايندو.پيداوار: باراني علائقي ۾ جوئر جي اناج واري پيداوار پنجن کان 7 مڻ في ايڪڙ آهي، جڏهن تہ آبپاشي وارن علائقن ۾ اَٺن کان 10 مڻ في ايڪڙ پيداوار ملي ٿي. اهڙيءَ طرح باراني علائقن ۾ ويهن کان 25 مڻ جوئر جي ڪڙٻ ملي ٿي ۽ آبپاشيءَ وارن علائقن ۾ 40 مڻ في ايڪڙ ڪڙٻ حاصل ٿئي ٿي. باراني علائقن ۾ سائي گاھہ جي پيداوار 2200 کان 2800 ڪلوگرام آهي ۽ آبپاشيءَ وارن علائقن ۾ سائي گاھہ جي پيداوار 8000 کان 10000 ڪلوگرام في ايڪڙ آهي. جڏهن تہ ننڍي قد واريون جنسون ميلولينڊ ۽ شاهين اسان جي آبهوائي حالتن ۾ اناج جي پيداوار 2000 ڪلوگرام في ايڪڙ ڏين ٿيون.


لفظ جوئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو