جوابپور چانڊيو

جوابپور چانڊيو: هيءُ سنڌ جو هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو ضلعي شڪارپور تعلقي ڳڙهي ياسين جي يو. سي ڊکڻ ۾ نيشنل هاءِ وي کان ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو اصل نالو ’ملان جو ڳوٺ‘ هو. هن ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي والد مولانا عبدالله چانڊيي جي نگرانيءَ ۾ هلندو هو، پر تر جي وڏيرن جي مداخلت سبب هيءُ مدرسو هميشہ لاءِ بند ٿي ويو. هن ڳوٺ ۾ چانڊيا، سيد، شيخ، تنيا، شر ۽ ٻيا قبيلا رهن ٿا. ورهاڱي کان اڳ هتي هندن جا ڪيترا خاندان آباد هئا. هن ڳوٺ تي اڳتي هلي ’جوابپور‘ نالو پيو. مشھور شاعر زخمي چانڊيو هتان جو هو، جنهن ڳوٺ ۾ پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول قائم ڪرايا، جتي سندس نياڻي اُستاد رهي، اها ڳالھہ وڏيرن ۽ انهن جي ساٿارين کي پسند نہ آئي ۽ زخمي چانڊئي کي لاڙڪاڻي ۾ اسڪول ويندي شھيد ڪيو ويو پر سندس خون رنگ لاتو، اڄ سرڪاري اسڪول قائم آهن ۽ ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا. هن ڳوٺ جي آبادي پنجن هزارن کان وڌيڪ آهي ۽ اسڪول، روڊ ۽ بجلي وغيرہ جون سهولتون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو