جونپوري، سيد محمد: مهدوي تحريڪ جو باني سيد محمد جونپوري، جونپوريءَ شھر ۾ 842 ھہ/ 1438ع ۾ پيدا ٿيو. زهد، تقويٰ ۽ درويشيءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. هن ستن سالن تائين لاڳيتو روزا رکيا. ورد وظيفا ڪيا ۽ گوشه نشيني ۽ زهد واري زندگي گذاري. سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’پيغام لطيف‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”انهي عرصي دوران چيو وڃي ٿو تہ کيس غيبي آواز ٻڌڻ ۾ آيو تہ ’انت مهدي‘ شروع ۾ هن آواز کي ڪا اهميت نہ ڏني، پر جڏهن اهو آواز مسلسل ڪيترن ورهين تائين سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، تڏهن هن کي يقين ٿي ويو ۽ پاڻ کي ’مهدي‘ ڪوٺائڻ لڳو. هي نائين صدي هجريءَ وارو زمانو هو، جڏهن هندستان ۾ سخت بدامني ۽ غير يقينيءَ وارو ماحول هو. روز بادشاهيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هيون. اهڙي ڪا مرڪزي حڪومت باقي نہ رهي هئي، جيڪا هندستان اندر مسلمانن جو شيرازو درست ڪري شريعتي دستور جاري ڪري سگهي. حق تي هلندڙ ديني عالم گهٽجندا رهيا ۽ منجهن دنيا جي لالچ گهر ڪري وئي هئي. جاهل پيرن جي عملن ڪري مسلمانن ۾ گمراهي ڦهلجڻ لڳي هئي. هي حال ڏسي سيد محمد جونپوريءَ شريعت کي زندہ ڪرڻ، خلق خدا کي سنئين راھہ تي آڻڻ ۽ مسلمانن کي شريعتي نظام مطابق هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ٿوري عرصي ۾ هزارين ماڻهو سندس معتقد ٿيا ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا والي بہ سندس مريديءَ جي دائري ۾ شامل ٿي ويا. سنڌ ۾ بہ سندس ڪيترائي مريد هئا. ان دؤر جا ڪجهہ اهم فوجي آفيسر ۽ روحاني پيشوا جھڙوڪ: شيخ صدرالدين جھڙا بہ هن جا مريد هئا. مشھور شاعر قاضي قادن بہ هن جو مريد چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙا گهراڻي بابت ٻڌايو وڃي ٿو تہ اهو بہ فڪري طور هن جو پوئلڳ هو. ’تحفته الڪرام‘ ۾ علي شير قانع لکي ٿو تہ: ”آدم شاھہ ڪلهوڙو هن جو پوئلڳ هو.“
اڄ بہ سنڌ ۾ ڪن جاين تي کيس مڃڻ وارا موجود آهن. سنڌ جا مهدوي پوئلڳ هندستان وارن کان مختلف آهن. سندن طور طريقا موثر هئا، جنهنڪري امير، فقير، اعليٰ ۽ ادنيٰ هڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئجي ويا. سندس تحريڪ جا مکيہ اصول هيٺيان هئا.
1- هجرت ڪرڻ: سندس چوڻ هو تہ جيستائين ماڻهو قيدي وطن کان آزاد ٿي، گهر ٻار جو آسانگو لاهي لڳ لاڳاپا ڇڏي، جماعت ۾ داخل نہ ٿيو آهي، ايستائين ان ۾ ڪا وڏي اميد رکڻ اجائي آهي. ان ڪري ان راھہ ۾ هجرت ڪرڻ ضروري هو.
2- ترڪ مال: سندس رايو هو تہ انسان جي راھہ ۾ ٻي رنڊڪ جيڪا کيس اعليٰ ارادن ۽ ڪمن کان روڪي ٿي، اها حال ۽ ملڪيت جي محبت آهي، سندس حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو ضروري هو تہ هو پنھنجي ملڪيت تحريڪ جي ميمبرن حوالي ڪري تہ اهي ان کي تحريڪ جي راھہ ۾ خرچ ڪن.
3- جان جي قرباني: انهيءَ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو بہ ضروري شرط هو تہ لاڳاپا لاهي، خوف خطرا ڦٽا ڪري، سر تريءَ تي رکي، مخالفن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻو هو. سندس اهو عقيدو هو تہ شريعتي نظام قائم ڪرڻ لاءِ طاقت جو هٿ ۾ هئڻ ضروري آهي، ان لاءِ زور زبردستي ۽ تلوار استعمال ڪرڻ کان بہ نہ ڪيٻائڻو آهي.
مهدي سڏائڻ تي سيد محمد جونپوريءَ جي عالمن ۾ مخالفت وڌي وئي، اصل ۾ سندس مريدن ۽ پوئلڳن بہ زيادتي کان ڪم وٺندي کيس مهدي آخر زمان سان تشبيھہ ڏيڻ شروع ڪئي. جڏهن تہ مجدد ۽ مهدي اسلام جا نئين سر زندہ ڪندڙ پئي تسليم ڪيا ويا آهن. مسلمانن جي ڪجهہ فرقن ۾ عقيدو آهي تہ جڏهن مسلمان مذهب کان دور ٿي ويندا آهن ۽ مذهب ۾ ڪيئي بدعتون پئجي وينديون آهن تہ هڪ هزار سال بعد مجدد پيدا ٿيندو آهي، پر مهدي تقريباً ساڳين مقصدن لاءِ صرف هڪ دفعو اچڻو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ دعويٰ سان اڄ تائين ڪيئي ماڻهو پيدا ٿيا آهن. اهي تحريڪون موجودہ زماني جي زبان ۾ مهدوي تحريڪون سڏيون ويون آهن جيڪي ٻين تحريڪن سان تشبيھہ رکندڙ ۽ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون هيون، جن جو مکيہ مقصد اهو پئي رهيو آهي تہ مسلمانن کي منظم ڪري دنيا تي اسلام جو غلبو آڻجي. سيد محمد جونپوري افغانستان ۾ 911 ھہ/ 1505ع ۾ وفات ڪري ويو. (وڌيڪ ڏسو: تحريڪ مهدوي).
1438.00.00 عيسوي
سيد محمد جونپوري ، جونپوريءَ شهر ۾ 842 هه/ 1438ع ۾ پيدا ٿيو .
1505.00.00 عيسوي
سيد محمد جونپوري افغانستان ۾ 911 هه/ 1505ع ۾ وفات ڪري ويو .