جون رضي ﷲ عنه: حضرت ﷲ عنه'>جون رضي ﷲ عنه، حضرت امام حسين عليہ السلام جي صحابين مان هو. حضرت ﷲ عنه'>جون رضي ﷲ عنه نوبه جو هڪ حبشي هو. حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام هن کي فضل بن عباس کان هڪ سؤ دينارن عيوض خريد ڪري ابوذر غفاري رضي ﷲ عنه کي بخشي ڇڏيو هو. حضرت جون رضي ﷲ عنه ابوذر غفاري رضہ وٽ رهيو. جڏهن ابوذر غفاري رضہ کي ٽئين خليفي ربذه ڏانهن جي طرف جلاوطن ڪيو تہ جون رضہ بہ ساڻس گڏ هو، جڏهن ذوالقعد 32 ھہ/ جون 653ع ۾ حضرت ابوذر غفاريءَ انتقال ٿيو، تڏهن حضرت جون رضي ﷲ عنه واپس مديني آيو ۽ حضرت علي عليہ السلام جي خدمت ۾ رهيو. حضرت علي عليہ السلام جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسن عه سان رهيو ۽ حضرت امام حسن عليہ السلام جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسين عه جي خدمت ۾ رهيو. حضرت امام حسين عليہ السلام جڏهن مدينو ڇڏي ڪربلا ۾ آيو تہ حضرت جون بہ ساڻس گڏ هو. جون رضہ جنگي هٿيارن جي شناخت ۾ وڏي مهارت رکندو هو، انهيءَ ڪري عاشوري جي رات امام حسين عليہ السلام جي لشڪر جي جنگي هٿيارن جي جاچ حضرت ﷲ عنه'>جون رضي ﷲ عنه جي ذمي هئي.’مقتل لهوف‘ ۾ علامہ سيد علي بن طاؤس الحسينيءَ کان روايت آهي تہ جڏهن حضرت جَون جهاد جي اجازت گهُري تہ امام حسين عليہ السلام فرمايو تہ اي جون! تون خوشحاليءَ سبب اسان سان گڏ هئين. هاڻي اسان جي ڪري مصيبت ۽ هلاڪت ۾ قدم نہ رک، منهنجي طرفان توکي اجازت آهي. تون ڀلي هليو وڃ.“ ان تي حضرت جون عرض ڪيو اي فرزند رسول صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم! ڇا خوشحاليءَ جي زماني ۾ توهان سان گڏ هجان ۽ مصيبت ۾ توهان کي ڇڏي هليو وڃان؟ خدا جو قسم اهو ممڪن نہ آهي. مان ڀلي ڪارو آهيان ۽ منهنجي پگهر ۾ خوشبوءِ نہ آهي، پر آءٌ پنهنجو سر اسلام تان قربان ضرور ڪندس، توهان مون کي اجازت ڏيو.“ ان تي حضرت امام حسين عليہ السلام حضرت جَون رضي ﷲ عنه کي يزيدي فوج سان ٿي. سندس لاش گنج شهيدان ۾ مدفون آهي جهاد ڪرڻ لاءِ موڪليو. جون رضہ جنگ ڪندي، 25 مخالفن کي مارڻ بعد پاڻ بہ شھيد ٿي ويو. حضرت ﷲ عنه'>جون رضي ﷲ عنه جي شهادت 10 محرم الحرام 61 ھہ/ 10 آڪٽوبر 680ع تي ٿي.