جون رضہ

جون رضہ: حضرت جون رضه، حضرت امام حسين عه جي صحابين مان هو. حضرت جون رضہ نوبه جو هڪ حبشي هو. حضرت علي ابن ابي طالب عليہ السلام هن کي فضل بن عباس کان هڪ سؤ دينارن عيوض خريد ڪري ابوذر غفاري رضہ کي بخشي ڇڏيو هو. حضرت جون رضہ ابوذر غفاري رضہ وٽ رهيو. جڏهن ابوذر غفاري رضہ کي ٽئين خليفي ربذه ڏانهن جي طرف جلاوطن ڪيو تہ جون رضہ بہ ساڻس گڏ هو، جڏهن ذوالقعد 32 ھہ/ جون 653ع ۾ حضرت ابوذر غفاريءَ انتقال ٿيو، تڏهن حضرت جون واپس مديني آيو ۽ حضرت علي عليہ السلام جي خدمت ۾ رهيو. حضرت علي عليہ السلام جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسن عه سان رهيو ۽ حضرت امام حسن عه جي شهادت کانپوءِ حضرت امام حسين عه جي خدمت ۾ رهيو. حضرت امام حسين عه جڏهن مدينو ڇڏي ڪربلا ۾ آيو تہ حضرت جون بہ ساڻس گڏ هو. جون رضہ جنگي هٿيارن جي شناخت ۾ وڏي مهارت رکندو هو، انهيءَ ڪري عاشوري جي رات امام حسين عه جي لشڪر جي جنگي هٿيارن جي جاچ حضرت جون رضہ جي ذمي هئي.
’مقتل لهوف‘ ۾ علامہ سيد علي بن طاؤس الحسينيءَ کان روايت آهي تہ جڏهن حضرت جَون جهاد جي اجازت گهُري تہ امام حسين عليہ السلام فرمايو تہ اي جون! تون خوشحاليءَ سبب اسان سان گڏ هئين. هاڻي اسان جي ڪري مصيبت ۽ هلاڪت ۾ قدم نہ رک، منهنجي طرفان توکي اجازت آهي. تون ڀلي هليو وڃ.“ ان تي حضرت جون عرض ڪيو اي فرزند رسول صلي عليہ وآلھ وسلم! ڇا خوشحاليءَ جي زماني ۾ توهان سان گڏ هجان ۽ مصيبت ۾ توهان کي ڇڏي هليو وڃان؟ خدا جو قسم اهو ممڪن نہ آهي. مان ڀلي ڪارو آهيان ۽ منهنجي پگهر ۾ خوشبوءِ نہ آهي، پر آءٌ پنهنجو سر اسلام تان قربان ضرور ڪندس، توهان مون کي اجازت ڏيو.“ ان تي حضرت امام حسين عليہ السلام حضرت جَون عه کي يزيدي فوج سان جهاد ڪرڻ لاءِ موڪليو. جون رضہ جنگ ڪندي، 25 مخالفن کي مارڻ بعد پاڻ بہ شھيد ٿي ويو. حضرت جون رضہ جي شهادت 10 محرم الحرام 61 ھہ/ 10 آڪٽوبر 680ع تي ٿي. سندس لاش گنج شهيدان ۾ مدفون آهي .


لفظ جون رضہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو