جوهر بروهي

جوهر بروهي

جوهر بروهي

جوهر بروهي: شاعر ۽ نقاد ’جوهر‘ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم بروهي آهي. هن 29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظاميءَ جي تڪميل ڪري، ميھڙ ويجهو مدرسہ حفظ القرآن ۾ استاد مقرر ٿيو. هن 1994ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان ’دعوه ڪورس‘ مڪمل ڪيو. سال 1974ع کان مدرسہ عربيه محمديه فريد آباد ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف رهيو. 1972ع کان سنڌي ۽ براهوي ادب ۾ لکڻ لڳو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ ثقافت سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ هن گهڻ رخو ڪم ڪيو. هو پھريون براهوي شاعر هو جنھن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو براهوي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. مختلف صنفن ۾ سندس مضمون ۽ مقالا سنڌي براهوي ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ ڇپيا. جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميھڙ جو چيرمئن، بزم لطيف ميھڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ براهوي پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميھڙ جو ڪائونسلر بہ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’احوال غم‘ (براهوي شاعري: 1976ع)، (2) ’گوريج‘ (براهوي نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ’ختم نبوت‘ (مذهبيات: 1986ع)، (4) ’شيموش‘ (براهوي شاعري: 1991ع)، (5) ’روشنائي‘ (براهوي شاعري: 1991ع)، (6) ’دردانه‘ (براهوي شاعري: 1981ع)، (7) ’شادوز باد‘ (قومي شاعري: 1992ع)، (8) ’طوبي نارند‘ (مرثيہ: 1995ع)، (9) ’ڪاروان‘ (مثنوي: 1995ع)، (10) ’شڪر ڦل‘ (انشائيه: 1996ع)، (11) ’احوالِ غم‘ (باردگر: 1999ع)، (12) ’لولي‘ (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13) ’براهوي تخليقڪار اور سوانح‘ (2000ع)، (14) ’امام العصر‘ (2001ع)، (15) ’گلدسته سندھہ‘ (سندھہ کي براهوي شعراء 2001ع) شامل آهن. جوهر بروهي 16 جولاءِ 2025ع تي وفات ڪئي.


لفظ جوهر بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.29  عيسوي

29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي ، تعلقي پني عاقل ، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو


2025.07.16  عيسوي

جوهر بروهي 16 جولاءِ 2025ع تي وفات ڪئي.2025.07.16



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي بي آڏواڻي
سيد سردار علي شاھہ
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
پاپائيت
پهلاج راءِ مسافر
پنهور منظور علي خان
جھان خان ثاني
ڀائي آسنداس
مرزا محمد عيسي بيگ ترخان
حسين بخش سخيراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون